پروفيسر اشتياق ابڙو جي قتل ڪيس ۾ پرنسيپل ۽ ماسترياڻي جي ضمانت منظور

0
164
ڇا پوليس جي ڊيوٽي اها بچي آهي ته وڏيرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ووٽ نه ڏيندڙن تي ڪيس ڪري؟ : سنڌ هاءِ ڪورٽ
ڇا پوليس جي ڊيوٽي اها بچي آهي ته وڏيرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ووٽ نه ڏيندڙن تي ڪيس ڪري؟ : سنڌ هاءِ ڪورٽ

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ حيدرآباد پروفيسر جي مبينا اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ پرنسيپل ۽ ماسترياڻي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي، مسمات ثمرين ۽ زبيده سيٺار وڪيل معرفت عدالت ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ٻنهي جي گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کين هڪ هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، اسسٽنٽ پروفيسر اشتياق ابڙو جي اغوا جو ڪيس سندس ڀاءُ مارچ 2021ع تي ڄامشورو ٿاڻي تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪرايو هو، ڪجهه ڏينهن بعد پروفيسر جو لاش مليو هو.