اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي مختلف حصن ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان جاري تشدد جي شديد مذمت ڪئي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ان طرح جي تشدد، اغوا، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن تي قبضي، پوليس اهلڪارن تي مڇريل هجومن جي حملن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، انهن واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي، حڪومت کي ان جي ذميواري نڀائڻ جي پاسو ڪرڻ جي به اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، هلندڙ هفتي دوران ٿيندڙ تشدد جي واقعن مان واضح آهي ته سليڪٽيڊ حڪومت ملڪ کي ڌُٻي ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪو به محفوظ ناهي، پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ پوليس به تحفظ جي محتاج نظر اچي ٿي، حڪومت عوام کي به بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، پيپلز پارٽي جون همدرديون پوليس اهلڪارن سميت شهيد ٿيندڙ بيگناهه شهرين جي وارثن سان به آهن، پرتشدد واقعن جي زخمين جي بهتر علاج جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنايو وڃي.