پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن

0
406
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

اسماعيل ميمڻ ٺٽي مان لکي ٿو

 هونئن به سنڌ ۾ پاڻي جي پيدا ٿيل شديد کوٽ سبب سنڌ جي سمورن ضلعن جي صورتحال ڳنڀير آهي پر خاص ڪري سنڌ جي پوڇڙ واري ضلعي ٺٽي جي صورتحال پاڻي جي حوالي سان انتهائي رحم جوڳي آهي ڇاڪاڻ جو گذريل ڪيترن مهينن کان وٺي ٺٽي جي ڪلري بگھاڙ واهه لوئر ، ڄام برانچ ، ساڪرو برانچ ۽ اڏيرو لال برانچ مان نڪرندڙ 250 کان مٿي نالين ، واهن ، شاخن ۽ واٽر ڪورسن ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ سبب مڙني هتان جي واهن ، شاخن ۽ نالين توڙي واٽر ڪورسن ۾ پاڻي جي نه هئڻ ڪري ضلعي جي 10 لک کان مٿي انساني آبادي پيئڻ جي پاڻي توڙي پنهنجي آبادي لاءِ پاڻي مهيا نه هئڻ ڪري انتهائي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ سان گڏ ڪسمپرسي واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آهي.
جيتوڻيڪ ٺٽي ضلعي ۾ ايشيا کنڊ جي اونهي ۾ اونهي ڍنڍ ڪينجھر پڻ آهي پر ٺٽي ۾ وڏي ڍنڍ جي هجڻ جو ٺٽي واسين کي ڪوئي فائدو نه آهي ان جو اهو حوالو ٺٽي واسين جي حوالي سان ڏجي ته پاڻي مٿي جھوپڙا مورک اڃ مرن ، معنيٰ ڪينجھر ڍنڍ جو پاڻي صرف جي آهي ته اهو ڪراچي جي آبادي لاءِ وقف ٿيل آهي ستم ظريفي اها آهي جو سڄي ضلعي جي چئن ئي تعلقن ٺٽو ، ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 40 يونين ڪائونسلن ۾ ايندڙ هتان جي شهرن ٺٽو ، مڪلي ، جھرڪ ، بگھاڙ موري ، ڇتو چنڊ ، سونڊا ، جھمپير ، اونگر ، جنگشاهي ، گل منڊا ، گجو ، ساڪرو ، ليٽ ، ٽاڪاڻي ٻوهارا، سکپور ، ڳاڙهو ، ڪيٽي بندر ، ٻگھاڻ ، جوهو ، ٻاٻيو ، اداسي ، پير پٺو ، گيل موري ، سڄڻ واري ، ٺاري واري ، شاهپور ، مهر ، ور ، غلام الله سميت ضلعي جي شهرن توڙي ٻهراڙي جي وڏي آبادي وارن ڳوٺن جي مڙني واٽر سپلاءِ جي تلائڻ ۾ پاڻي جي ختم ٿي وڃڻ ڪري هتان جي انساني آبادي رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهي آهي پر انهن جا مال متاع پڻ اڃ وگھي تڙپي رهيا آهن. ايستائين جو شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پاڻي جي شديد پيدا کوٽ سبب نمازي پڻ وضوءَ جي پاڻي کان محروم بڻجي ويا آهن. مسجدن ۾ وضوءَ جي پاڻي نه هئڻ ڪري نمازين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،  جڏهن ته پاڻي جي پيدا ٿيل بحران ڪري ضلعي ٺٽي ۾ پاڻي جي ڏڪار سان گڏ اناجي ڏڪار پيدا ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي ، ٻئي طرف ٺٽي ضلعي جي وسيع ڪوهستاني پٽي ۾ پڻ پيئڻ جي پاڻي جي نه هئڻ توڙي هتان جي جر جي کاري ٿي وڃڻ ڪري کوهن جو پڻ پاڻي کارو ٿي ويو آهي ۽ کاري پاڻي واپرائڻ ڪري پڻ ڪوهستان واسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. هوڏانهن ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ ايندڙ تعلقن ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر ۾ پاڻي جي عدم دستيابي ڪري هتان جي لکين انساني آبادي ڳري اگھن ۾ پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور بڻجڻ سان گڏ هتان جي سم نالين جي پاڻي واپرائڻ ڪري ڪيترين ئي موذي بيمارين جي ور چڙهي وئي آهي، جڏهن ته ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ پڻ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي عدم دستيابي توڙي ڪوٽڙي بئراج جي هيٺاهين پاسي سنڌو درياءَ ۾ سالن کان پاڻي جي نه اچڻ ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
سمنڊ جي کارو پاڻي تيزي سان اڳتي وڌڻ ڪري هتان جي لکين ايڪڙ زمين پڻ کاري پاڻي هيٺ اچي تباهي جي ور چڙهي وئي آهي جڏهن ته ضلعي ٺٽي ۾ پاڻي جي اڻهوند سبب اهو به معلوم ٿيو آهي ته ضلعي اندر قائم مڇي جي پالنا جا 400 کان مٿي تلاءَ پڻ سوڪهڙي جي ور چڙهي ويا آهن جنهن ڪري ضلعي اندر مڇي جي فارمنگ پڻ سخت متاثر ٿي وئي آهي. مڇي جي تلائن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري مڇي جي تلاءَ مالڪن کي پڻ ڪروڙين روپين جو گھاٽو پيو آهي،
ضلعي اندر پاڻي جي برقرار رهندڙ کوٽ بابت اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٺٽي جي 4 تعلقن جي پيرينل توڙي نان پيرينل واهن ، شاخن ، برانچن ۾ پاڻي جي نه هجڻ ڪري زمين ۾ مال جي چاري سانگي گاهن جي جي فصلن جي پوکي متاثر ٿيڻ توڙي پاڻي جي نه ملڻ ڪري روزانو سون جي تعداد ۾ هتان جي مالوندن جو چوپايو مال بک ۽ اڃ وگھي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي مري رهيو آهي ۽ روز جي معمول بڻيل ڳري ماليت جي چوپائي مال جي مرڻ ڪري پڻ هتان جي مالوندن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن جڏهن ته ضلعي اندر موجود پاڻي جي واحد ذخيري ڪينجھر مان پڻ ٺٽي جي مڙني تعلقن جي شهرن کي ڪلري بگھاڙ واهه لوئر ذريعي ٿيندڙ پاڻي جي فراهمي جي بند ۽ پاڻي جي وارا بندي ڪري ڪلري بگھاڙ واهه لوئر جي مک برانچن پيرينل اڏيرو لال برانچ جنهن وسيلي ٺٽي جي سموري سامونڊي وسندي کي پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٿو پر پيرينل برانچ اڏيرو لال ۾ پاڻي بنھه گھٽ هئڻ ڪري هتان جي سموري انساني ، توڙي آبي جيوت سان گڏ چوپائي مال جو جيئڻ عذاب بڻجي ويو آهي جڏهن ته ساڪري تعلقي جي لکين ايڪڙ زمين کي آباد ڪندڙ توڙي پيئڻ جي پاڻي جي گھرج پوري ڪندڙ نان پيرينل برانچ ساڪرو ۽ ڄام برانچ ۾ پڻ  پاڻي جي شديد پيدا ٿيل کوٽ ڪري ٺٽي ۽ ساڪري تعلقي جي سموري انساني آبادي پيئڻ توڙي پوکي جي پاڻي کان محروم ٿي وئي آهي. ٺٽي ضلعي جي پيئڻ توڙي ان جي پوکي واري پاڻي جي فراهمي بند ڪري ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪرڻ واري عمل سبب ضلعي ٺٽي جي لکين انساني آبادي سامهون پاڻي جي ڪراچي کي روزانو 12 سئو ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ پاڻي جي ڪي ڊي اي واهه ذريعي ٿيندڙ پاڻي جي فراهمي جي باوجود ڪينجھر جي پاڻي کان محروم آهي.
جيتوڻيڪ ڪراچي کي ٺٽي جي ڪينجھر ڍنڍ مان پاڻي جي روزانو 12 سئو ڪيوسڪ کان مٿي ٿيندڙ پاڻي جي رائلٽي جو هڪ رپيو به نٿو ڏنو وڃي ۽ نه ئي پاڻي کوٽ دوران ڪينجھر مان ٺٽي واسين کي پيئڻ لاءِ پاڻي جي فراهمي ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته ٺٽي جي سمورن شهرن توڙي ان جي مڙني ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ پاڻي جي پيدا ٿيل سخت کوٽ ۽ پاڻي جي نه هجڻ جون احتجاج جي صورت ۾ پاڻي جون صدائون  معمول بڻيل آهن پر الائي ڇو ٺٽي واسين کي پنهنجي ڪينجھر مان به پاڻي زرعي آبادي لاءِ ته ٺهيو پيئڻ لاءِ به نٿو ڏنو وڃي ….؟