اسلام آباد (م ڊ) سينيئر قانوندانن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار ڏيڻ واري فيصلي  جي تشريح جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته فيصلي تي اعتراض اٿندا، سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني فل بينچ کي معاملو ڏسڻ گهرجي ها. سينيئر قانوندان شاهه خاور نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻمرادو نوٽيس جون حدون طئي ڪرڻ بابت بحث ٿيندو رهيو آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ بهتر آهي،  سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس جي وضاحت تمام گهڻي ضروري هئي پر بهتر اهو هو ته معاملو سپريم ڪورٽ جو 17 رڪني فل بينچ ڏسي ها، ڇاڪاڻ پاڻمرادو نوٽيس جو دائريڪار طئي ڪرڻ انتهائي اهم آهي، ان ڪري اسان کي لڳي ٿو ته فيصلي تي وڏو بحث ٿيندو ۽ اعتراض به واريا ويندا، ڇاڪاڻ مين اسٽيڪ هولڊرز وڪيل جي تنظمين، سپريم ڪورٽ بار، پاڪستان بار ڪائونسل آهن، سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي هئي ته ان معاملي ۾ 17 ئي ججن کي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته صرف چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار ڏيڻ تمام وڏو فيصلو آهي، هاڻ سپريم ڪورٽ جي جج کي ڪوبه اختيار نه هوندوته پاڻمرادو نوٽيس وٺي، بينچ به صرف سفارش ڪري سگهندي، صوابديدي اختيار چيف جسٽس وٽ هوندو. هن چيو ته پاڻمرادو نوٽيس اختيار جي تشريح ٿيڻ گهرجي، حدون به طئي ٿيڻ گهرجن. سينيئر قانوندان عرفان قادر چيو ته صحافين کي هراسان ڪرڻ تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ئي نه ويو هو، هڪ بينچ لڳل هو ان دوران صحافين جي درخواست آئي، اهو پاڻمرادو نوٽيس ڪيئن ٿي ويو؟ ٻي ڳالهه ته آئين جي آرٽيڪل 184.3 ۾ پاڻمرادي نوٽيس جو جيڪو دائريڪار آهي، ان ۾ لفظ سپريم ڪورٽ آهي، چيف جسٽس نه آهي، انڪري صحافين جي معاملي ۾ به بينچ هو ته مطلب سپريم ڪورٽ آهي، جيڪڏهن ڪيس ٻڌو وڃي ها ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي وڃي ها.