پاڪ فوج ۽ پي ايل او گڏجي اجتماعي مفادن جي تحفظ ۾ ڪردار ادا ڪنديون رهنديون: آرمي چيف

0
345
پاڪ فوج ۽ پي ايل او گڏجي اجتماعي مفادن جي تحفظ ۾ ڪردار ادا ڪنديون رهنديون: آرمي چيف
پاڪ فوج ۽ پي ايل او گڏجي اجتماعي مفادن جي تحفظ ۾ ڪردار ادا ڪنديون رهنديون: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ پي ايل او گڏجي اجتماعي مفادن جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون رهنديون، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مضبوط آهن، ٻنهي ملڪن گڏجي سمورن چئلينجز کي منهن ڏنو آهي

آرمي چيف چيو ته ٻنهي ملڪن جي فوجن توڙي عوام وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، پاڪ فوج ۽ پي ايل او وچ ۾ ڀائيواري توڙي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو بڻايو ويندو

آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو ۾ چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي 96هين سالگرهه ملهائي وئي

تقريب کي خطاب ڪندي چيني ناظم الامور چيو ته سالگرهه تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪ فوج جا ٿورائتا آهيون، چين ۽ پاڪستان سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي گڏجي ملهائي، ٻنهي ملڪن ۾ ڀائيواري آزمائشن ۽ عالمي منظرنامي جي تبديلي تي پوري  لهي ٿي آهي

هن کي به پڙهندا

جنگي جهاز پي اين ايس طارق پاڪ نيوي جي ٻيڙي ۾ شامل