پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو مها دنگل اڄ نيويارڪ ۾ ٿيندو

0
87
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو مها دنگل اڄ نيويارڪ ۾ ٿيندو
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو مها دنگل اڄ نيويارڪ ۾ ٿيندو

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو مها دنگل اڄ نيويارڪ ۾ ٿيندو، ڀارت خلاف دنگل لاءِ قومي ٽيم جا 11 رانديگر فائينل، اعظم خان آئوٽ، عماد وسيم ٽيم ۾ شامل آهن

 پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف ميچ ۾ چار فاسٽ بالرز، ٻن آل رائونڊرز ۽ اسپنرز سان ميدان تي لهندي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اننگز جي شروعات بابر اعظم ۽ محمد رضوان ڪندا، پاڪستاني ٽيم ۾ بابر اعظم، محمد رضوان، عثمان خان، فخر زمان، افتخار احمد، شاداب خان، عماد وسيم، شاهين آفريدي، محمد عامر، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف شامل آهن

 پاڪ ڀارت ميچ اڄ شام ساڍي 7 وڳي شروع ٿيندي، امريڪا کان شڪست ملڻ بعد پاڪستان کي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ اڄ ڀارت کي لازمي شڪست ڏيڻي پوندي، هارائڻ جي صورت ۾ پاڪستاني ٽيم جي ايونٽ مان ٻاهر ٿيڻ جا امڪان

 پاڪستاني ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته ڀارت خلاف ميچ ۾ ڪم بيڪ ڪنداسين، بيٽرز کي بهادري سان کيڏڻو پوندو، اسان جي طاقت بالنگ آهي

 ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم زمبابوي کان هارائڻ بعد فائنل کيڏيو هو، اهو نه ٿا سوچي سگهون ته گذريل ميچ پاڪستان هارائي ته هيءَ ميچ به هارائيندو، اسان کي بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي