پاڪستان دنيا جون ٽيون مهانگو ملڪ بڻجي ويو، ڇا اها تبديلي آهي: شهباز شريف

0
214
رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ صنعتن کي گئس جي بندش تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي

پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته سوئي سدرن گئس صنعتن ۽ مقامي پيداواري يونٽن کي گئس بند ڪري ڇڏي،ڇا اها تبديلي آهي؟

 حڪومت تي تنقيد ڪندي ن ليگ جي صدر چيو ته ملڪ ۾ گيهه ساڍا 400 رپيا في ڪلو ملي رهيو آهي، ڇا ان کي تبديلي چئجي؟ اسٽيٽ بئنڪ هڪ ڀيرو ٻيهر سود جي شرح وڌايرهي آهي، ڇا اها تبديلي آهي؟ اهڙي طرح پاڪستان دنيا جو ٽيون مهانگو ملڪ بڻجي ويو آهي، ڇا اها تبديلي آهي؟

مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت عوام کان انتقام وٺي رهي آهي، جن کي هنن سان اميدون هيون، اهي هن ناقص ڪارڪردگي تي مايوس ٿي ويا آهن