پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ بنگلاديش کي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

0
310

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ بنگلاديش کي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست ڏئي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي، شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان کي 125 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو

قومي ٽيم ۾ ڊيبيو ڪندي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي پهرين اوور جي ٽئين بال تي وڪيٽ ورتي، عثمان قادر ۽ محمد وسيم 2.2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته حارث رئوف ۽ شاهنواز ڏاهاڻي هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي

بنگلاديش طرفان محمد نعيم 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، هدف جو پيڇو ڪندي پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 32 رنسن تي ڪري پئي ۽ ڪپتان بابر اعظم 19 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ رضوان راند کي سنڀاليو ۽ هو 40 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو

پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ميچ جو فيصلو آخري بال تي ٿيو محمد نواز آخري بال تي چوڪو هڻي ٽيم کي فتح ڏياري، پاڪستان طرفان حيدر علي 45 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، بنگلاديش طرفان محمد الله سڀ کان وڌيڪ 3 وڪيٽون ورتيون