پاڪستان جو نميبيا ڏانهن به پلاند رهيل: ميچ تي دلچسپ تبصرا

0
156
پاڪستان جو نميبيا ڏانهن به پلاند رهيل: ميچ تي دلچسپ تبصرا

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ نميبيا جي ميچ دوران به دلچسپ تبصرن جو سلسلو جاري رهيو، نيوزيلينڊ ۽ ڀارت کانپوءِ نميبيا ڏانهن به پلاند رهيل هجڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته پاڪستاني ٽيم کي ان کان به پلاند وٺڻ گهرجي، ڪيپٽن زينب راجا تصوير شيئر ڪندي اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستاني ٽيم نميبيا کي ڳولي رهي آهي،

عاطف اعواڻ لکيو ته پاڪستاني ٽيم پراعتماد آهي نميبيا کان کٽي سيمي فائنل ۾ پهچي ويندي، حسنين لکيو ته بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي نمبر ون بيٽسمين ٿيڻ لاءِ ٻن ميچن ۾ 80 رنز گهرجن. فاران علي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ پاڪستاني ٽيم کي انڊيا، افغانستان ۽ نيوزيلينڊ جي شڪار کانپوءِ نميبيا جو شڪار ڪندي ڏيکاريو ويو،

هڪ صارف لکيو ته نميبيا کان به پاڪستان کي پلاند ڪرڻو آهي، ٻڌو آهي ته نميبيا پاڪستان جو تيار ڪنفرم ڪپهه جو آرڊر ڏنو هو ۽ اهم وقت تي اهو آرڊر ڪينسل ڪري ڇڏيو هو، وقار مغل لکيو ته نميبيا 2013ع ۾ پاڪستان سان ڪپهه جو سودو ڪيو هو ان خبر جي تصديق ناهي ٿي سگهي پر نومبر 2019ع ۾ نميبيا پاڪستان کي هاٿي وڪڻڻ جو پروگرام ڪينسل ڪيو هو، چڙيا گهر لاءِ هاٿي خريد ڪرڻو هو پر نميبيا نه ڏنو، اها ڳالهه آصف علي کي ٻڌائي وئي آهي.