اشو آف دي ڊي مولانا عزيزالله ٻوهيو الوداع: سوشل ميڊيا تي ڀيٽا

0
153
اشو آف دي ڊي مولانا عزيزالله ٻوهيو الوداع: سوشل ميڊيا تي ڀيٽا

سنڌ ۾ مذهب جي سيڪيولر سڃاڻپ مولانا عزيزالله ٻوهيو جي وڇوڙي تي سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ فرحان خان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مذھب، ماڻھو ۽ مٽي جي فطري ڳانڍاپي جي بهترين تشريح ڪندڙ سنڌ جو مهان اسڪالر مولانا عزيز الله ٻوهيو هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

سنڌ پنهنجي سچي فرزند جي لاڏاڻي تي سوڳوار آھي. جنهن تي علي عابد سومرو، اي بي سومرو، ڪامران تنيو، نظرالحق، عبدالسلام تنيو ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو. امتياز چانڊيو لکيو ته عزيزالله ٻوهيو الوداع، سندس زندگي بچي پئي سگهي جيڪڏهن دل جي هڪ اسپتال نوشهرو فيروز ۾ هجي ها جنهن تي عبدالقدير ميمڻ لکيو ته بلڪل صحيح ٿا چئو، ڊاڪٽر به اهڙي ڳالهه ڪن ٿا، بشير آريسر لکيو ته سنڌ ساگر پارٽي جو اڳواڻ، مذهبي اسڪالر عزيزالله ٻوهيو سنڌ کان وڇڙي ويو،راجڪمار وڻجارا، راول ڪنراڻي، زرياب ڪاڪا افسوس جو اظهار ڪيو. غلام الله بچاڻي لکيو ته هڪ دور جي پڄاڻي ٿي،

سنڌ ۾ اسلام جو سيڪيولر چهرو، مولانا عزيزالله ٻوهيو لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن تي هاشم کوسو، حيدر جوڻيجو، مراد پندراڻي، امداد چانڊيو، حنا تبسم ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو،ڪامريڊ امير جان چانڊيو لکيو ته سنڌ جو عالم عزيزالله ٻوهيو، منير مگسي لکيو ته اڄ سنڌ سوڳوار آهي، قومپرست اڳواڻ مولانا عزيزالله ٻوهيو سنڌ کي الوداع ڪري ويو،جاويد هاليپوٽو لکيو ته مولانا عزيزالله سنڌ جي عشق سان سرشار وطن جو حقيقي عاشق هو ته وري علم ادب ۽ تحقيق ۾ به نمايان ڪردار هئس، هن هميشه قرآن کي سامهون رکي سنڌ دشمنن کي دليلن سان للڪاريو، سنڌ وڇوڙو قومي نقصان آهي.

حسن پٺاڻ لکيو ته ڌرتي جو سچو سپوت، سنڌ ۾ مذهب جي سيڪيولر سڃاڻپ مولانا عزيزالله ٻوهيو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ارجن باگڙي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مولانا عزيزالله ٻوهيو مون کي ڪجهه دوستن جي موجودگي ۾ چيو هو ته مون کي اوهان جي قبرستان ۾ دفن ڪجو جيڪو مٽياري هاءِ وي تي آهي اتي دفن ڪجو، اها ڳالهه هن ڪافي دوستن سان ڪئي هئي جنهن تي سارنگ جويو لکيو ته بلڪل اها سندس آخري وصيت ٿيل آهي.ماهنور شيخ لکيو ته بلڪل اهڙي وصيت ٿيل آهي جنهن کي پونئيرن نظرانداز ڪيو. آصف بالادي، الطاف پيرزادو، مخدوم شمس، درمحمد پٺاڻ، حفيظ هڪڙو، سورٺ لطيف، مير خان چانڊيو ۽ ٻين پاران پڻ سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.