ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ مطالبو ڪيو آھي ته ملڪ جي تعليمي ادارن کي ھٿيارن کان پاڪ ڪري ھڪجھڙو تعليمي نظام جوڙيو وڃي، سمورين صوبائي اڪائين کي برابري جا حق ڏئي  جبري گمشدگين خلاف عالمي قانونن تي عمل ڪيو وڃي،  پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ افغان ٻارن ۽ پاڪستانين سان شادي ڪندڙ افغانين کي پاڪستاني شھريت ڏني وڃي،  ڪالهه ناپا ۾ وومين ڊيموڪريٽڪ  فرنٽ جي ٿيل ڪانگريس ۾3 سالن لاءِ چونڊيل باڊي ۾ عاليه بخشل صدر ۽  ماوري لطيفي سيڪريٽري چونڊيا ويا ـ ان موقعي تي خطاب ڪندي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر عائشه  ڌاريجو چيو ته جيڪا عورت مارچ واري مشعل وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ شروع ڪئي هئي، اهڙا مارچ ڪارو ڪاري وارن علائقن ۾  ڇو نٿا ٿين؟ اسان سکر ۾ جڏهن عورت مارچ ڪيو ته وڏيرا ۽ سياسي پارٽين جا اڳواڻ پريشان ٿيا ھئا، عوامي ورڪرز پارٽي جي جنرل سيڪريٽري بخشل ٿلھو چيو ته طبقاتي سماج خلاف جنگ ۾سڀني کي گڏيل طور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آزادي جو ڪو خاص لمحو  ۽ انقلاب جو ڪو ھڪ رستو ناھي، ھتي موجود آزاد ۽ انقلاب طرف گامزن آھن،  هن چيو ته ججن ۽ جرنيلن کي ڏنل زمينون واپس وٺي عورتن حوالي ڪيو وڃي،  ڊبليو ڊي ايف جي اڳوڻي صدر اسما شاھجھان چيو ته اسانجي جنگ طبقاتي سوچ خلاف آھي،  مرد پڻ انھي طبقاتي نظام ۾ پيڙھجن پيا،  ان موقعي تي انيس ھارون،  طوبيٰ سعيد،  ماروي لطيفي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پدر شاھي نظام نه رڳو عورتن پر مردن کي پڻ پريشان ڪيو آهي، هنن چيو ته احتجاج ۽ ريليون منزل ناھن،  اسين آرگنائيزڊ سياست نٿا ڪريون. رڳو ڪجهه لمحن لاءِ ملون ٿا، انھي ڪري نتيجا نٿا ملن.