پارليامينٽ ۾ ئي معاملا حل ٿيڻ گهرجن

0
151
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

عدم اعتماد جي رٿ پيش ٿيڻ کانپوءِ جيڪا صورتحال سامهون آئي  ان کي ڏسي اهو ئي اندازوڪيو پئي ويو ته شايد ڌريون ۽ خاص ڪري حڪمران ڌر ڪنهن ٽين ڌر لاءِ مداخلت جو ماحول جوڙڻ چاهي ٿي ته جيئن هو عدم اعتماد جي رٿ  ذريعي حڪومت ختم ٿيڻ بدران سياسي شهادت جو رتبو حاصل ڪري.جيڪڏهن حڪومت مخالف ڌر کي مڇرائي رهي هئي ته مخالف ڌر به ان کان پاڻ بچائي نه سگهي انهي به حڪومتي قدمن جو اهڙي ئي انداز ۾ جواب ڏيڻ شروع ڪيو جنهن سان اهو تاثر قائم ٿيڻ لڳو  ته معاملا  سياسي ڌرين جي هٿن مان نڪري ٻئي طرف وڃي رهيا آهن.اصل طاقتور ڌريون ته پاڻ کي ان ماحول ۾ نيوٽرل ڄاڻائي ماٺ ۾ آهن جيڪا ڳالهه جمهوري نظام ۽ ملڪي مفاد ۾به آهي پر اهو سياسي معاملو پارليامينٽ ۾ پهچڻ کان اڳ ئي عدالت تائين پهچي چڪو آهي جنهن کان جيڪڏهن بچي سگهجي ها ته وڌيڪ بهتر هو پر جڏهن معاملو عدالت تائين پهتو آهي ته ڌرين کي عدالتي حڪمن جو احترام ۽ عمل به ڪرڻ گهرجي، ايئن نه ٿئي ته جهڙي نموني ڌريون هڪٻئي خلاف آمهون سامهون آهن اهي عدالتي حڪمن کي به احترام نه ڏين جنهن سان انارڪي جهڙو ماحول پيدا ٿي وڃي جنهن جو گهڻو امڪان موجود آهي.

عدم اعتماد جي رٿ پيش ٿيڻ کانپوءِ حڪمران ڌر ڏهه لک ماڻهو اسلام آباد ۾ گڏ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته مخالف ڌر وري پنهنجي اعلانيل لانگ مارچ جو سڏ ڏئي ڇڏيو .حڪمران ڌر پنهنجي ڪارڪنن کي مڇرائي منحرف ميمبرن جي گهيراءُ ڪرڻ جو چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين انهن ميمبرن جي حفاظت پاڻ ڪرڻ جو اعلان ڪيو.نتيجو اهو نڪتو جو پارليامينٽ لاجز تي پوليس چڙهائي ڪئي ته سنڌ هائوس تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن حملو ڪري ڀڄ ڊاهه ڪئي جنهن سان اهو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿيو ته معاملو ٽڪراءُ طرف ئي وڃي رهيو آهي. انهي سڄي عرصي ۾ جيڪا اصل ذميواري ٿئي ٿي اهو اسپيڪر جو ڪردار آهي ته اجلاس ريڪيوزٽ ٿيڻ کانپوءِ هو آئين ۾ ڏسيل ڏينهن جي اندر اجلاس گهرائي معاملي کي وڌيڪ ٽڪراءُ واري صورتحال ڏانهن وٺي وڃڻ کان بچائي پر اهو اسپيڪر جو ڪردارنظر نه پيو اچي. جڏهن ته اسپيڪر اهو اشارو به ڏئي چڪو آهي ته هو اجلاس گهرائي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري سگهي ٿو. هوڏانهن بلاول ڀٽي به ڌمڪي ڏني آهي ته اسپيڪر اجلاس گهرائي عدم اعتماد تي ووٽنگ نه ڪرائي ته هو قومي اسيمبلي ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهندا ڏسون ته پوءِ ڪيئن ٿي او آءِ سي ڪانفرنس ٿي سگهي؟

سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ملڪ کي ڪنهن به بحران کان بچائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم، گهرو وزارت، بچاءَ واري وزارت، آءِ جي اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته تحريڪ عدم اعتماد پرامن طريقي سان مڪمل ٿيڻ گهرجي، آرٽيڪل 95 تحت ڪنهن به وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ بي اعتمادي آئيني طريقو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سياسي بيان عدم اعتماد واري ڏينهن پارٽين ۾ ٽڪراءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب سنڌ هائوس تي حملي کانپوءِ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي، ان کان اڳ اها درخواست سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي هئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته بي اعتمادي واري رٿ تي آئين تحت عمل ٿيڻ گهرجي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين بي اعتمادي جي رٿ جو تعلق آهي ته اهو سياسي عمل آهي، بي اعتمادي جي رٿ تي آئين تحت عمل ٿيڻ گهرجي، عدالت کي ان ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. اميد ته سياسي ڌريون تحمل جو مظاهرو ڪنديون. ان تي اٽارني جنرل چيو ته  آئين ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪيو ويندو.

 جڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان به چئي رهي آهي ته عدم اعتماد جي رٿ تي آئين تحت عمل ڪرڻ گهرجي ته پوءِ پارليامينٽ جو اجلاس گهرائڻ بدران حڪومت ڇو عوام کي اسلام آباد ۾ گڏ ٿيڻ جا سڏ ڏئي رهي آهي جنهن سان ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي.تنهن ڪري اسان اميد ڪيون ٿا ته ڌريون تحمل جو مظاهرو ڪري آئين تحت هلڻ جي ڪوشش ڪنديون، ايئن نه ٿئي جو عدالت کي ڪو حڪم پاس ڪرڻو پئجي وڃي يا ٽين ڌر کي مداخلت جو جواز ملي.