پارس شاهه قتل ڪيس: پارس شاهه جي بيوهه، سهري ۽ ٻين جون ضمانت واريون درخواستون رد

0
182

حيدرآباد جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ پارس شاهه قتل ڪيس ۾ پارس شاهه جي بيوهه، سهري ۽ ٻين جون ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

عدالت 25 جولاءِ تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ضمانت جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو

پارس شاهه جي بيوهه فرزانا ۽ سهري غلام نبي شاهه پهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ بعد ۾ ماڊل ڪورٽ مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي هئي

سانگهڙ پوليس هٿان گرفتار ڪيل اسرار شاهه ۽ ديدار شاهه به ضمانت جون درخواستون داخل ڪرايون هيون

هي به پڙهندا

پارس شاهه ڪيس: ڪردار ڪشي ڪندڙن کي نه ڇڏينديس: سحر شاهه