پابندي باوجود لاکڙا ڪول مائينز انتظاميا ۽ ٺيڪيدارن پاران ڪوئلي جي کاڻين تي ڪم جاري

0
316
پابندي باوجود لاکڙا ڪول

ڪراچي: لاکڙا ڪول مائينز جِي انتظاميا ۽ ٺيڪيدارن ڪوئلي جي کاڻين تي ڪم بند ڪرڻ واري مائينز کاتي جي نوٽيفڪيشن کي ٿُڌي ڇڏيو، پابندي باوجود ڪوئلي جي کاڻين تي ڪم جاري آھي

 ٺيڪيدارن طرفان ڪوئلي جي کاڻين ۾ زبردستي ڪم وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته برساتن دوران ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم جاري رهڻ سبب جهمپير جهڙو واقعو پيش اچي سگهي ٿو

برساتن دوران کاڻين ۾ ڪم تي پابندي تي عمل يقيني بڻائڻ جو مطالبو، جهمپير ۾ 9 پورهيتن جي فوت ٿيڻ بعد مائينز کاتي برسات دوران ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم تي پابندي لڳائي هئي