ٽڪ ٽاڪ کان اڳ صفا غريب نه هيس، وچولي طبقي جي آهيان: ڪنول آفتاب

0
241
ٽڪ ٽاڪ کان اڳ صفا غريب نه هيس، وچولي طبقي جي آهيان: ڪنول آفتاب
ٽڪ ٽاڪ کان اڳ صفا غريب نه هيس، وچولي طبقي جي آهيان: ڪنول آفتاب

لاهور (شوبز نيوز) مشهور ٽِڪ ٽاڪر ڪنول آفتاب پنهنجي شاندار لائف اسٽائل تي ٿيندڙ تنقيد تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ڪنول آفتاب پنهنجي موجوده طرز زندگي ۽ ماضي جي مالي صورتحال جو ذڪر ڪيو

سندس شاهوڪار لائف اسٽائل تي تنقيد ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي ڪنول آفتاب چيو ته جتي مون شروعات ڪئي، اتي ئي آهيان. هڪ وچولي طبقي جي خاندان ۾ پيدا ٿيس ۽ اڃا تائين هڪ مڊل ڪلاس خاندان ۾ سٺي زندگي گذاري رهي آهيان. هن چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته سوشل ميڊيا تي انفلوئينسر ٿيڻ کان اڳ اسان ڏاڍا غريب هئاسين، ائين هرگز ناهي

هن چيو ته اڳي اسان پنهنجي خاندان جي رحم ڪرم تي هئاسين ۽ هاڻي پنهنجي محنت سان اها زندگي گذاري رهيا آهيون. اڳي مان صرف ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهيندي هئس هاڻي يوٽيوب تان به ڪمائيندي آهيان