ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ فيڊرل بي ايريا ۾ فلاحي پلاٽ کي صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ تي ڪي ڊي اي جي ڊي جي ۽ ٻين آفيسرن پاران بنا صحيح جي رپورٽ جمع ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 2 هفتن اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪي ڊي اي جي وڪيل لکت ۾ جواب داخل ڪرايو، جنهن جو جائزو وٺڻ بعد عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پيش ڪيل رپورٽ تي ڪنهن به آفيسر جي صحيح ٿيل ناهي، ڇا عدالت ۾ اهڙي رپورٽ پيش ڪئي ويندي آهي؟ ڇا افيسر کي هٿن ۾ مهندي لڳل هئي يا وري ان جو ڪو ٻيو سبب آهي؟ عدالت ڪي ڊي اي جي آفيسرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت ۾ ڊرامو نه ڪيو وڃي، جيڪو فيصلي تي عمل نه ڪندو، اهو جيل ويندو، ادارا اهڙا نااهل وڪيل ڇو رکندا آهن؟ عدالت ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جا آفيسر ٽيبل هيٺيان معاملا طئه ڪندا آهن، ڪي ڊي اي جي وڪيل چيو ته فلاحي پلاٽ کي غير قانوني طور الاٽ ڪيو ويو، جنهن تي عدالت چيو ته اسان جي سامهون ته صنعتي پلاٽ جي حوالگي جو ڪيس آهي، جنهن تي ڪي ڊي اي جي وڪيل تفصيلي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت طلب ڪئي، عدالت ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي ايف بي ايريا ۾ رهائشي پلاٽ کي صنعتي پلاٽ ۾ تبديل ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.