ٽهڪن ۾ ٽانڊا … قصو گورک تي زيتون پوکڻ جو!

0
20
ٽهڪن ۾ ٽانڊا ... قصو گورک تي زيتون پوکڻ جو!

ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻ واري وڏي صاحب اعلان ڪيو هو ته، “گورک هِل تي زيتون ٿا پوکيون. زيتونن جي آمدني سان اسان جي سنڌ ۾ معيشت ۾ تمام گهڻي ترقي اچي ويندي. منهنجا سائينءَ سان ويجها لاڳاپا هئا. انڪري جو آئون گذريل سال لطيف آباد جي خفيه يونيورسٽي مان چاپلوسيءَ ۾ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جي ڊگري وٺي مون سائينءَ وٽ نوڪري ڪئي هئي. سائين منهنجي ڪارڪردگيءَ مان ايترو ته خوش ٿيو جو تحفي طور مون کي وري پرڌان منتري صاحب وٽ نوڪري وٺي ڏنائين، پر اتي جي ماحول مان آئون خوش ڪونه هئس ۽، “…. اٿي آن کلوتي” وانگر آئون واپس ڳوٺ موٽي آيس ۽ بکن ڏکن ۾ گذارو ڪرڻ لڳس.

                 نيٺ هڪ ڏينهن بکن کان تنگ ٿي وري آئون وڏي صاحب سان وڃي مليس ۽ سوچيم ته مشاورت ۽ ڏاهپ جي مار ڏيانس. مزي جو مزو، انٽرويو جو انٽرويو. اهو سوچي چيومانس: “سائين هڪ ته گورک هِل اڌ آسمان جي بلنديءَ تي آهي، اتي زيتون ته پري جي ڳالهه، لاڻو به ڪونه ٿيندو. ٻيو ته اتي چوطرف جابلو بکيا ماڻهو آهن، جيڪي توهان جا زيتون پٽي ويندا”.

وڏي صاحب پيار سان منهنجي ٺوڙهه تي شفقت جي نگاهه وڌي، ڄڻ عقل جي عُمق پيو جاچي ۽ پوءِ مٿي تي هٿ رکي چيائين:

“طوطن پيءُ! اسين سياسي ماڻهو آهيون، اسان جي سياسي بيان تي توهان کي غيرت ڇو ٿي اچي؟ سڀاڻي آئون چوان ته آسمان مان ڪرندڙ کنوڻ کي گڏ ڪري ان مان بجلي ٺاهي اسين سڄي سنڌ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪنداسين ته توهان کي ڪهڙو اعتراض ٿيندو! خبر اٿئي گورک هِل تي پوکيل زيتونن جي آمدني مان اسان صحت، تعليم، پوليس، روينيو، آبپاشي ۽ ٻين کاتن جي مالي مدد ڪري سنڌ کي خوشحال بڻائينداسين”.

چيومانس: “سائين واهه جو پروگرام آهي! پر گورک هِل حيدرآباد ۽ ڪراچي کان سوين ڪوهه پري آهي. اهي زيتون توهان دٻن ۾ بند ڪري کڻي ايندا، جن مان اڌ کان مٿي ڳري ختم ٿي ويندا ۽ گاڏين جو ڀاڙو به لکن ۾ هوندو. توهان کي بچندو ڪجهه به ڪونه.”

چيائين: “طوطن پيءُ! اڳي گورک واري اٿارٽي هئي، تنهن ڪروڙين ڳڙڪائي ڇڏيا ۽ اوڳرائي به ڪا نه ڏني. هاڻي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو. ٻيو نه ته به اوڳرائي ته ڏبي.”

چيومانس: “سائين اسان جي ڳوٺ ۾ سرڪاري ٻني آهي 200 ايڪڙ. ان کي ڏهوڙ جو پوٺو چوندا آهن. ان تي لنڊي شاخ ۽ کير واهه جو پاڻي به لڳي ٿو. اتي زيتونن جو باغ پوکيو. ان جي سڀ آمدني کڻي وڃي پنهنجن سرڪاري کاتن کي ڏجو، اسان کي کائڻ لاءِ بس رڳو ٻه ٽي ڪلو زيتون ڏجو، پر شرط اهو آهي ته اتي جا مالهي ۽ چوڪيدار اسان جي ڳوٺ جا هوندا. علڻ، ولڻ، گلڻ، جانو، خانو، الهڏنو، ڀليڏنو، مٺو موالي ۽ لڌو حوالي وغيره وغيره. باقي پنجاب، اسڪردو، مانسهره، سوات، مالاڪنڊ، چترال، ڪوهاٽ ۽ راولا ڪوٽ جا ماڻهو ڪونه هوندا. اهي آيا ته اسين انهن کي لٺيون ۽ ٻيانيون هڻي ڀڄائينداسين.”

منهنجي ڳالهه ٻڌي وڏو صاحب کل ۾ صفا اونڌو ٿي ويو. چيائين: “اڃان واٽر ئي ڪونهي کوٽيو، اڳ ئي پاڻيءَ جي واري تان جهيڙو!” چيومانس: “سائين سنڌ ۾ ايئن ئي ٿيندو آهي. ٿر جي ڪوئلي جي ڪمپني ۾ ڪئين ڌاريان ماڻهو ڪم ڪن ٿا. سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ ڪئين ڌاريا ماڻهو ڀرتي ٿيل آهن.”

چيائين: “طوطن پيءُ! تون ته ڪو صفا چريو ماڻهو آهين. انهيءَ ۾ اسان جو ڏوهه ڪونهي. سڀ مٿئين جون مهربانيون آهن.”

چيومانس: “مهربان سائين! ادارن ۾ داخلا، امتحان ۽ نوڪري وٺڻ لاءِ جيڪي لکين رپيا رشوت ڏجي ٿي، انهيءَ ۾ اوهان مداخلت ڇو ڪونه ٿا ڪريو؟

چيائين: “طوطن پيءُ، مداخلت ڪريون ٿا پر اسان جي هلي ڪانه ٿي. اتي جا سربراهه وڏي اثر رسوخ وارا ۽ اسان کان زورآور آهن.”

وري چيومانس: “سائين سنڌو درياهه هزارين سالن کان اسان جو آهي پر پاڻي وچان ڌاڙيل واهه کڻيو وڃن. اسان جا واهه، شاخون ۽ واٽر ويران آهن. بيٺل سارين، وونئڻن ۽ ڪمند جا فصل سڪن پيا. ان لاءِ اوهان ڇا ڪيو آهي؟”

وڏي سائينءَ وراڻيو: “اسان ٻيو ڇا ڪريون؟ اسين ته روز بيان ٿا ڏيون، اپيلون ٿا ڪريون پر ٿئي ڪجهه ڪونه ٿو. پوءِ ڀلا وڌيڪ ڇا ڪريون.”

چيومانس: “توهان سنڌ جون هزارن عورتون بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ پنائي ڇڏيون آهن. بينڪن اڳيان انهن جون بيعزتيون ٿيون ٿين. انهن جون پوتيون ٿيون لهن. انهن کي اهي ٻه ٽي هزار گهر ويٺي ڇو نٿا ڏيو؟” چيائين: “طوطن پيءُ بينڪن وارا 500 يا 1000 ڪٽوتي ڪري پوءِ ٿا کين پئسا ڏين. گهر ويٺي پئسا ڏيون ته پئسا ڏيڻ وارا تپيدار ۽ مختيارڪار سندن اڌ پئسا کائي ويندا.” چيومانس: “سچ ٿا چئو سائين پر سوال اهو آهي ته هيڏي وڏي عهدي تي آهيو، توهان جي مڪمل ٽيم آهي، پوءِ به سنڌ جا روڊ رستا ۽ پليون تباهه آهن. پاڻي جي نيڪال جو سسٽم تباهه آهي. پاڻي جا سوين فلٽر پلانٽ ڪم ڪونه ٿا ڪن. هزارين اسڪول تباهه آهن. ٻار ۽ نياڻيون وڻن هيٺان پڙهن ٿيون. انهيءَ لاءِ توهان ڇو ڪجهه ڪونه ٿا ڪريو؟”

چيائين: “طوطن پيءُ گهڻي غيرت نه ڪر! هن حڪومتي دور ۾ اهي سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. پوءِ تون مون لاءِ حيدرآباد مان مشهور بيڪري جو ڪيڪ وٺي اچجان.”

اهو ٻڌي آئون ٿڌو ٿي ويس ۽ صاحب به ٿڌو ٿيو. مون کي ماني کارائي ڀاڙي لاءِ 1000 رپيا ڏنائين. آئون کانئس موڪلائي ڳوٺ روانو ٿيس. گس ۾ مون کي شاهه صاحب جو هي بيت ياد اچي ويو:

ويا مور مري، هنج نه رهيو هڪڙو،

وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو.