ٽهڪن ۾ ٽانڊا … جهرڪين جو عالمي ڏينهن ملهائجي ٿو، کدڙن فقيرن جو ڇو نه؟

0
41
ٽهڪن ۾ ٽانڊا ... جهرڪين جو عالمي ڏينهن ملهائجي ٿو، کدڙن فقيرن جو ڇو نه؟

 اسان جو ملڪ مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري ۾ دنيا ۾ ٽاپ تي آهي، گڏيل قومن جي اداري کي کپي ته انهيءَ ڪارنامي تي اعزازي طور اسان جي حڪمرانن کي گولڊ ميڊل ڏي. مٿان رمضان شريف آيو ته سودو سامان، ڀاڄيون ۽ فروٽ جا اگهه ٻيڻا ٽيڻا ٿي ويا. آئون غريب مزدور ماڻهو. مون کي روزگار ڪو نه ٿي مليو. سوچيم ڪاٺيون ڪري پيٽ گذر ڪريان. جنهن زميندار جي ويران ٻني مان وڃي ڪرڙ ۽ ديوين جون ڪاٺيون ڪريان، سو مون تي ايتري ڪاوڙ ڪري، جهڙو مون هن جو خون ڪيو هجي. مون ڪاٺين ڪرڻ تان به هٿ کنيو. مٿان رمضان شريف اچي ويو. طوطن ۽ طوطن ماءُ روزو رکيو. آئون موالي، ماڻهو سگريٽن کانسواءِ سري ڪا نه. سو روزي رکڻ کان معذرت ڪيم. وچين جو ٽائيم ٿيو ته طوطن ماءُ روزي کولڻ لاءِ فروٽ، سموسن ۽ پڪوڙن جي فرمائش ڪئي. منهنجا کيسا اهڙا خالي هجن جهڙو ڦلڪارن جي بس بنا سوارين جي ڦلڪارا پئي وڃي. مجبور ٿي طوطن جي ڀنڊالي ڀڳم. ان مان 60 روپيا نڪتا، اهي کڻي ويس فروٽ وٺڻ. فروٽ وارن اهڙا اگهه ٻڌايا جو منهنجو دماغ ڦري ويو، آئون بيهوش ٿي وڃي روڊ تي ڪريس. اوسي پاسي وارا ماڻهو گڏ ٿي ويا، تن پوليس کي فون ڪئي، پوليس وارا مون کي کڻي وڃي هڪڙي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪري آيا. اتي هڪڙو هوشيار ڊاڪٽر هو ديکا دام مرواڻي، تنهن مون کي نس ۾ ٻه اهڙيون سُيون هنيون، جو آئون هوش ۾ اچي ويس. هن مون کان بيهوش ٿيڻ جو سبب پڇيو، مون فروٽ جي مهانگي هئڻ جو سڄو درد جو داستان کيس ٻڌايو. هو ڀلو ماڻهو هو، تنهن اسپتال جي سڀني ڊاڪٽرن ۽ نرسن کان چندو وٺي مون کي سڀ فروٽ گهرائي ڏنا. نارنگيون، صوف، صوفي ٻير، ڪيلا، اسٽرابيري، گولاڙچي، ڇانهين، گدرا، چيڪو، پپيتا ۽ زيتون. ايترا ميوا ڏسي آئون خوشي ۾ باغ بهار ٿي ويس، منهنجي واڇن مان ائين پاڻي وهڻ لڳو جهڙو سلطاني شاخ کي ٻنهي پاسان گهارا پيا هجن. انهيءَ ميوات مان مون هڪ ڪٽو ڀريو ۽ گهر کڻي آيس. ڪٽو کٽ تي خالي ڪيم ته طوطن ماءُ حيران ٿي وئي. چيائين مئا 60 روپين جي ايتري ميوات! ٺڳي ڪئي اٿئي، چوري ڪئي اٿئي! مون کيس سڄو داستان ٻڌايو ته حيران ٿي وئي. پوءِ طوطن ۽ طوطن ماءُ مزي سان افطاري ڪئي ۽ بچيل جام فروٽ سان فرج ڀري ڇڏيائون. اسان جو غريباڻو فرج ادي علڻ جي گهر وانگر سدائين خالي هوندو هو، مس مس ڀرجي ويو. آئون فرج کولي ڏسان ته ائين ٺريو پيو ٺران. جهڙو ڪنوار کي پهريون دفعو ميڪ اپ ۾ تيار ڏٺو هجيم.

هاڻي هلون ٿا ٿورو پوئتي 8 مارچ تي. زائفائن جو عالمي ڏينهن هو. مون صبح ساڻ ڀڳڙن، کٽمٺن، بسڪيٽن ۽ ڦودني جي ٽڪين جي جهولي آڻي طوطن ماءُ کي ڏني چيائين. هي هيتريون ساريون شيون ڪهڙي خوشي ۾ آڻي ڏنيون اٿئي؟ وري ڪو نئون نينهن لاتو اٿئي ڇا؟ چيومانس توبهه ڪر. آئون تو مان ئي لوهه ٿي ويو آهيان، نئين نينهن کي وري ڪير سنڀاليندو؟ اڄ زائفائن جو عالمي ڏينهن آهي. انهيءَ خوشي ۾ تو لاءِ آئون هي شيون وٺي آيو آهيان. شيون ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. چيائين خدا ڪري روز زائفائن جو عالمي ڏينهن هجي. چيومانس خوش نه ٿي، اهو ڏينهن وري 364 ڏينهن کانپوءِ ايندو. اهو ٻڌي ڪاوڙ ۾ طوطن ماءُ جو پارو 110 ڊگري تي وڃي پهتو. چيائين: گهر ۾ نه اٽو آهي، نه دال، چانور، گيهه، لوڻ، مرچ، کنڊ، پتي، تونمون لاءِ ڦودني جون ٽڪيون، ڀڳڙا، بسڪيٽ، کٽمٺا وٺي اچي لٿو آهين. اهو ٻڌي مون کي پڪ ٿي ته هاڻي جنگ ٿيڻ واري آهي. چيومانس، طوطن ماءُ! تون مون کي پاڪستان سمجهي هميشه هندستان وانگر حملو ٿي ڪرين، وچ ۾ ڪشمير وانگر پيسجي ويچارو طوطن ٿو! چيائين: پوءِ ڀلا آئون ڇا ڪريان؟ چيومانس: تون چين وانگر مون پاڪستان جي دوست ٿي وڃ! چيائين، تنهنجي دوست ٿيان! چين جا هاڻي پنج ماڻهو مارائي ڇڏيا، توکي حياءُ ڪو نه ٿو اچي، تنهنجي دوست ٿيان! مون سوچيو ته سوال جواب ۾ هي مائي واوڊا کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. تنهنڪري گهر جو سودو وٺڻ لاءِ سئوٽ صدوري کان موٽرسائيڪل وٺي آئون هالا ناڪي هڪ دوست جفتون جلال کان اڌارا پئسا وٺڻ ويس، هن انڪار ڪيو. مايوس ٿي واپس آيس پئي. هڪ زائفان مون کي هٿ ڏنو، پويان سيٽ تي ويهاريومانس. چيم مائي پنهنجي چادري، لوئي ۽ پوتي مٿي ڪري رک. ويل ۾ ڦاٿي ته پاڻ ٻئي وڃي ڦهڪو ڪنداسين ۽ گذاري وينداسين. پوءِ پوليس پاڻ کي کڻي وڃي اسپتال پڄائيندي. اتي جا ڊاڪٽر پنهنجا آنڊا ۽ سينا چيري پوسٽ مارٽم ڪري پوءِ لاش وارثن حوالي ڪندا. مائيءَ چيو ته کٽڪو نه ڪر. سڀ مٿي آهن. چيومانس مون کي ويجهي ٿي ويهه. ڪٿي لوڏن ۾ ڪري نه پوين. مائيءَ ڪونه مڃيو. گس ۾ هڪڙو کڏو آيو، مائي موٽرسائيڪل تان ڪري پئي. چيومانس ته تون ڀلا پٺيان قميص کي جهلي ويهه. هن قميص کي اهڙو زور سان جهليو، جو قميص جا ٻيڙا کلي ويا. گس تي هڪ پوليس واري مون کي روڪيو. چيائين، لوفرن وانگر قميص جا ٻيڙا کولي ڇو پيو هلين؟ چيومانس ته اهي مون ڪونهن کوليا، پويان ويٺل مائيءَ قميص ڇڪي کوليا آهن. چيائين: مائي ڪير آهي؟ چيومانس: خدا کي خبر ڪير آهي. مون کان لفٽ ورتي اٿس. هن ڪاوڙ ۾ چيو: توکي چالان ٿو ڪريان، هڪڙو ته پرائي مائي کڻيو پيو وڃين، ٻيو داداگير ٿيو ٻيڙا کوليو پيو وڃين! مون کيس سئو روپيا ڪڍي ڏنا ته خوش ٿي ويو.

اڳتي هلياسين. هڪ عجب جهڙي عجائب خاني وٽ ڪو فنڪشن پئي هليو. لائوڊ اسپيڪر تي آواز پئي آيو، آئون ويس ته ڏٺم ته عورتن جي ڪا ڪانفرنس هئي، آئون ان ۾ ويس ته مون کي ڪڍي ڇڏيائون، مون ڪمپيئرنگ لاءِ عرض ڪيو ته به انڪار ڪيائون. پوءِ ٻاهر چوڪيدار ٿي بيهڻ جو عرض ڪيم ته راضي ٿي ويون. چيائون ڪنهن مرد کي اندر نه ڇڏجانءِ، مايون ڀلي اچن. مون گيٽ تي ڊيوٽي ڏني. ڪجهه دير کانپوءِ ٽي کدڙا فقير آيا، مون اندر وڃي ٻڌايو. چيائون ته انهن کي اندر اچڻ نه ڏيو، اهي زناني ويس ۾ مرد آهن، مون انهن کي روڪيو. پوءِ وري 15 ٻيا کدڙا فقير آيا، انهن کي به مون روڪيو، پوءِ وري 30 کن کدڙا فقير آيا، مون انهن کي به روڪيو، نيٺ کدڙا فقير جمع ٿيندا ويا، ٻه ٽي سئو ٿي ويا. مون شاميانا گهرائي کدڙن فقيرن جي الڳ ڪانفرنس شروع ڪرائي ۽ هڪ بينر ٺهرائي اسٽيج تي لڳايو. ان تي لکيل هو: آل سنڌ کدڙا فقير ڪانفرنس. پوءِ اسان پنهنجو پروگرام شروع ڪيو. اسان جي کدڙن فقيرن ۾ ڪئين ڳائڻا ۽ ڪئين ڊانسر هئا. تاڙين جا به اهڙا وي آءِ پي ٺڪاءُ هئا. کدڙن فقيرن زبردست تقريرون ڪيون. آخر ۾ منهنجو صدارتي تقرير جو وارو آيو.

مون پنهنجي تقرير ۾ چيو: کدڙن فقيرن جي دنيا ۾ ڪا به اهميت ڇو ڪانهي، هي به اسان جهڙا انسان آهن. هي اڃا ننڍا هوندا آهن ته مائٽ کين کدڙن فقيرن جي حوالي ڪريو ڇڏين. انهن جو نه ماءُ نه پيءُ، نه ڀاءُ نه ڀيڻ، چاچو نه مامون. کدڙا فقير کين پالي جوان ڪري پنڻ تي لڳايو ڇڏين. کدڙا فقير پوڙها ٿيو وڃن ته گرو ٿيو وڃن. کدڙو فقير ڪو مري ته رات جي اونداهه ۾ کيس پوريو اچن. اها به ڪا زندگي آهي! گڏيل قومن جو ادارو عورتن، ٻارڙن، مائرن، پيئرن، معذورن، اديبن، شاعرن جا عالمي ڏهاڙا ملهائي ٿو. هاڻي ته جهرڪين جو به عالمي ڏينهن ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو اٿن. کدڙن فقيرن آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو هنن جو عالمي ڏهاڙو ڪو نه ٿو ملهايو وڃي! آئون مطالبو ٿو ڪريان ته گڏيل قومون کدڙن فقيرن جو به عالمي ڏينهن ملهائين. هنن کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اسپيشل ڪوٽا تي داخلا ڏني وڃي. اهي پڙهندا ته انجنيئر، ڊاڪٽر، پروفيسر، پائلٽ، ڊي سي ۽ ايس ايس پي ٿي ويندا. اڃا به هنن کي وڌيڪ شعور آيو ته سياست ۾ به اچي ويندا، يونين ڪائونسلن جا چيئرمين، ميئر، ايم اين اي، ايم پي اي، سينيٽر، وزير اعليٰ، وزير اعظم ۽ صدر به ٿي سگهن ٿا. هن حڪومت ۾ جيڪي ظلم آهن، مهانگائي، پيپر آئوٽ ٿيڻ ۽ نوڪري لاءِ پئسا، اتر توڙي لاڙ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ، 40 ماڻهو ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن، سنڌ مان نياڻين کي اغوا ڪري، زيادتي ڪري، ماري ٿا ڇڏين. ڪئين نياڻيون اغوا ٿيو وڃن، پريا ڪماري جهڙيون ڪئين معصوم نياڻيون اغوا ٿيون آهن ۽ ٿين پيون. معصوم ٻارڙا جنسي زيادتي جو شڪار بڻائي، ماري ٿا ڇڏين. ملڪ ۾ 11 لک پوليس وارا آهن ۽ لکين فوجي آهن، انهن کان ڪجهه سئو ڌاڙيل ۽ لوفر ماڻهو نٿا جهلجن، هي ڪهڙي حڪومت آهي! مهانگائي آسمان تي آهي، غريب ماڻهو هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهن. منهنجي تقرير اڃا پوري ڪا نه ٿي هئي ته، هڪ سينيئر صحافي منهنجي ڪن ۾ اچي ٻڌايو ته، طوطن پيءُ پرواهه نه ڪر هينئر به انهن جي ‘بادشاهي’ آهي، تڏهن اهڙا هاڃا پيا ٿين.