ماڻهن کي سندن عمل مان پرکيو!

0
37
ماڻهن کي سندن عمل مان پرکيو!

 حڪومت، سياست، صحافت ۽ ادب سميت زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ گھڻو ڪري اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي، جن جي قول ۽ فعل ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجين ڳالهين مان انتهائي ايماندار، شريف، صاف سٿرا ۽ فرشتا محسوس ٿيندا آهن، اهي ذاتي زندگيءَ ۾ شيطان کي به ماتِ ڏيندڙ هوندا آهن. اڄڪلھ ته وري سوشل ميڊيا جي آيل طوفان ۾ ته، ماڻهن ۽ سندن ڪيل خبرن مان ذاتي ڪردار جو درست ۽ صحيح اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو بڻجي ويو آهي. اڪثر ڪري سوشل ميڊيا تي سٺيون، سهڻيون، خوبصورت ڳالهيون ڪندڙ ۽ انقلاب جا درس ڏيندڙ ماڻهو پنهنجي حقيقي ۽ عملي زندگيءَ ۾ پنهنجين ڪيل ڳالهين جي سئو سيڪڙو ابتڙ هوندا آهن. سوشل ميڊيا ذريعي، دنيا کي سماج سڌارڻ، سخي ٿيڻ ۽ بهادر بڻجڻ جا ڀاشڻ ڏيندڙ، ڪوڙ کان ڪوهين ڏور ڀڄڻ ۽ سچ سان سنگت رکڻ جون صلاحون ڏيندڙ، انسان دوستيءَ جا علمبردار ۽ مهمان نوازيءَ ۾ ڪانڀو خان بڻيل، صوفي منش، سڀ جو خير گھرندڙ، سنڌ دوستي ۽ عوام دوستيءَ جا قسم کڻندڙ، هر ڪنهن جا  گھڻگھرا، هڏڏوکي، لاجواب سياسي تجزيا ڪندڙ، جمهوريت جا وڏا داعي ۽ مها انقلابي بڻيل، خلق خدا کي مايوسيءَ کان پري ڀڄڻ، اميد پرستيءَ جا پاٺ پڙهائيندڙ، محنت، مستقل مزاجي، جدوجهد، جاکوڙ ۽ انقلاب لاءِ جانيون داءَ تي لڳائڻ جا دونهيندار ليڪچر ڏيندڙ، مها اديب، دانشور، ڏاها، عالم ۽ فاضل هجڻ جو ڏيکاءُ ڏيندڙ، اڪثر پنهنجي ذاتي ۽ عملي زندگيءَ ۾ انهن سمورين خوبين، وصفن ۽ گُڻن کان بلڪل خالي، کوکلا ۽ مها ڪوڙا، قسمي، عمل کان عاري، ڪم چور، بزدل، ڀاڙ جا ترا، انتهائي ڪنجوس، عوام آزار، سنڌ دشمن، بداخلاق، بدلڇڻ، بڇڙا ۽ وڏا حوالي هوندا آهن.

اهو ئي سبب آهي جو انهن جي ڪيل تقريرن، خطابن، واعظن ۽ ليڪچرن جو عوام جي ذهنن ۽ روحن تي ڪو به اثر ڪونه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته انهن جي قول ۽ فعل ۾ تمام وڏو تضاد هوندو آهي. جيئن چون ٿا، تيئن ڪن ڪونه ٿا. “ملان جيئن چوي، تيئن ڪريو ۽ جيئن ڪري تيئن نه ڪريو” واري ڳالھ آهي. عمل، محنت، جدوجهد، تڪليف، ايثار ۽ قربانيءَ کان پري ڀڄندڙ، آسائشون، آرام ۽ سهولتون ڳوليندڙ، نمائشي ۽ پاڻ پڏائيندڙ، موقعي پرست، چالاڪ، مڪار، ٻهروپي ۽ فريبي ماڻهوءَ جي سُٺين، خوبصورت ۽ انقلابي ڳالهين جو ڪوبه معيار ۽ اثر ناهي هوندو. اسان جي سماج ۾ اهڙن ماڻھن جي  گھڻائي هجڻ سبب هڪڙو وڏو نقصان اهو به ٿئي ٿو ته اٽي ۾ لوڻ برابر ڪن چڱن، فضيلت ڀرين، قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي رکندڙن، عِلمي ۽ عَملي جدوجهد ڪندڙ مخلص سياسي، سماجي اڳواڻن، جمهوريت پسند، قومپرست، ترقي پسند، انقلابي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ انسان دوست، سماج سُڌارڪ، اعليٰ انساني گُڻن جي مالڪ ۽ موتين جھڙن انمول انسانن جي کير جھڙي اڇي اُجري ڪردار رکندڙن کي به ماڻھو مشڪوڪ نظرن سان ڏسن ٿا.

لفظن جي اهميت ۽ حُرمت بيان ڪندي برازيل جي تعليمدان ۽ فلسفي  پائلو فريري چيو ته، “عمل کان خالي لفظن جي ڪابه اهميت، مانُ ۽ مرتبو ناهي هوندو. عمل جي وُسعت کان محروم لفظ کوکلا، چرڙاٽ، خالي بَڪِ بَڪِ کان وڌيڪ ڪجھ ناهن هوندا. هڪڙو به سچو لفظ ڳالهائڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ معنا دنيا کي چورڻ ۽ تبديل ڪرڻ جي شروعات هوندي آهي. لفظن جي سچائيءَ ۾ دُنيا کي بدلائڻ ۽ انقلاب آڻڻ جي طاقت سمايل هوندي آهي. ڪابه تبديلي عمل کانسواءِ اڻ ٿيڻي ۽ ناممڪن آهي”.

تنهنڪري وڌيڪ ضروري اهو آهي ته اسان غيرضروري ۽ گھڻيون ڳالهيون ڪرڻ، ٻٽاڪون هڻڻ، پاڻ کي هروڀرو ڏاهو ۽ وڏو انقلابي يا دانشور ثابت ڪرڻ جي خفت کان ٻاهر نڪري عملي ڪم ڪرڻ جي تڪليف ڪريون. ڳالھ ايتري ڪريون، جيترو ڪم ڪري سگھئون. جيئن ماڻهو اسان جي ڪيل ڳالهين تي ڀروسو ڪرڻ شروع ڪن. عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻي پوندي. ماڻهن جو اعتماد، ڪوڙ، ٺڳي، چالاڪي ۽ مڪاريءَ ذريعي ڪڏهن به حاصل نٿو ڪري سگھجي. جيڪڏهن اسان جا لفظ يا قول اسان جي ڪمن ۽ عملن سان ٺهڪندڙ نه آهن، چئجي هڪ ڳالھ ۽ ڪجي ٻي ڳالھ، پنهنجن ئي لفظن جو مانُ، مرتبو ۽ ڀرمُ قائم رکي نه سگھجي ته، پوءِ اسان جون ڪيل سموريون ڳالهيون دنيا جي تمام وڏي ڪوڙ، فريب ۽ دوکي کانسواءِ ڪجھ به ڪونهن. ڪڏهن به لفظن جو غلط استعمال نه ڪجي. ڇو ته دنيا جي سڀ کان وڏي ڏاهي سقراط به چيو آهي ته، “سڀ کان وڏو گناھ لفظن جو غلط استعمال ڪرڻ آهي”.

ڳالهيون جمهوريت جو ڪجن ۽ ماڻهن کي خاموش رکڻ جي لاءِ سندن اظهار جي آزاديءَ تي پابندي لڳائجي، ڳالھ انسانن جي ڪجي ۽ عمل ۾ انساني حقن جا انڪاري ۽ انسانيت کان عاري هجئون. ڳالھ عوام جي ڪجي ۽ دل ۾ عوام کان نفرت هجي. ڳالهين ۾ تنقيد کي سياست جو اهم جُز ۽ اختلاف کي جمهوريت جو حُسن سڏيئون، عمل ۾ تنقيد ڪندڙ ۽ اختلاف رکندڙ کي ذاتي مخالف ۽ دشمن سمجھي ساڻس وڏو وير رکئون. سوال پڇندڙ کي پنهنجو مخالف سمجھئون. ليڪچر انقلاب تي ڏيون ۽ عمل ۾ انقلاب کان چِڙَ کائون، اهو دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي، فريب ۽ دوکو آهي. اهڙا ۽ اهڙي قسم جا ٻيا کوڙ سارا منفي رويا ۽ ٻٽا معيار اسان جي زندگين ۾ روز جو معمول بڻجي اهم جاءِ والاري  چڪا آهن.

اسين سڀ، ٻين لاءِ ايماندار جج ۽ پنهنجي لاءِ بهترين وڪيل هوندا آهيون. پنهنجون تمام وڏيون غلطيون، ڪوڙَ، منافقتون، چالاڪيون، مڪاريون، دوکا ۽ ٺڳيون نظر ئي ناهن اينديون. ٻين جي ڪيل معمولي غلطين کي نظرانداز ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهيون هوندا. پاڻ ڪکُ کڻي ٻيڻو ناهيون ڪندا. پر، پنهنجي تيليءَ کي ٿنڀ بڻائي پيش ڪرڻ جا تمام وڏا ماهر هوندا آهيون. ٻين جي اڻٿڪ محنتن، لازوال  قربانين، جدوجهدن ۽ سياسي پورهئي کي قبول ڪري کين مڃتا ڏيڻ ۾ انتهائي سخت، بيرحم، ظالم ۽ مها ڪنجوس بڻجي ويندا آهيون. ميرٽ ۽ اهليت کي اوليت ڏيڻ جا مطالبا ڪندڙ، جڏهن خود فيصلا ڪرڻ ويهندا آهن ته ميرٽ ۽ اهليت کي پنهنجي جُتيءَ هيٺان لتاڙيندي ذاتي پسند ۽ ناپسند کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي ڏٺا ويا آهن.

اهڙي قسم جا منفي رويا ۽ ٻٽا معيار اسان جي هر شعبيءَ ۾ پنهنجو پاڙو پختيون ڪري چڪا آهن. تنهنڪري ڪنهن به ماڻهوءَ جي صرف ڳالهين، ظاهري ڏيک ويک ۽ سٺين ۽ سهڻين صلاحن کان جلد متاثر ٿي سندن مريد بڻجڻ بجاءِ، ماڻهن کي سندن ذاتي زندگيءَ ۾ قول ۽ فعل جي بنياد تي چڱيءَ طرح پرکي، پُرجھي پوءِ سندن بابت راءِ قائم ڪجي ۽ کين عزت ۽ اهميت ڏجي، ته جيئن اڳتي هلي مايوسي ۽ پڇتاءُ نه ٿئي.