ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار ۾ وڌيڪ اگه وٺندڙ منافع خور واپارين خلاف ضلعي انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي. ان سلسلي ۾ اي ڊي سي ون عبدالحفيظ لغاري شهر جو دورو ڪري ڪريانه، فروٽ ۽ ڀاڄين جي دڪانن تي ريٽ لسٽون چيڪ ڪري وڌيڪ اگه وٺندڙن تي ڏنڊ لڳايو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته رمضان شريف جو ڀلارو مهينو آهي واپارين کي خيال ڪرڻ گهرجي ته 11 مهينا ماڻهن سان ڪا به رعايت نٿا ڪن گهٽ ۾ گهٽ رمضان شريف جي مهيني ۾ مناسب ريٽ ۾ سامان وڪرو ڪن. پر هو ائين نٿا ڪن. هن چيو ته اسان رمضان شريف کان پهرين واپارين سان ميٽينگ ڪري عوام جي ڀلائي لاء مناسب ريٽ فڪس ڪيا جنهن باوجود به دڪاندار في ڪلو تي 5 کان 10 روپيا مٿي وٺي رهيا آهن تنهنڪري اسان ڪريانه، فروٽ ۽ ڀاڄين جي دڪانن تي وزيٽ ڪري وڌيڪ اگه وٺندڙ ڪيترن ئي دڪاندارن تي جرمانو پڻ لڳايو آهي جنهن جرمانو ناهي ڏنو انهن کي اسان اريسٽ ڪيو آهي جن کان جرمانو وٺڻ بعد کين آزاد ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته اسان روز جي بنياد تي ريٽ لسٽون چيڪ ڪنداسين جيئن رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ڪنهن به غريب سان ناانصافي نه ٿئي اگر ڪنهن کي به ڪا ڪمپلين هجي ته اسان کي اچي ٻڌائي اسان انهي جو اضالو