ٽنڊومحمدخان ( رپورٽ : امتياز مڱريو ) ٽنڊو محمد خان شهر اندر 1965 ۾ ٺهيل مڇي مارڪيٽ کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ بجاءِ مارڪيٽ فوري طور خالي ڪرڻ جا ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او اعجاز ملاح پاران پنهنجي صحيح سان واپارين کي نوٽيس ڏنا ويا آهن.ٻي پاسي مڇي جي واپارين، شهرين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن  ميونسپل انتظاميه پاران مڇي جي واپارين کي 24 ڪلاڪن اندر مارڪيٽ خالي ڪرڻ واري حڪم خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو.مڇي جي واپارين غلام محمد، قاسم، بچل ۽ ٻين چيو ته ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميه کي اسان مارڪيٽ جي بلڊنگ جي مرمت لاءِ درخواست ڏني هئي پر هاڻي اسان کي بلڊنگ جي مرمت ڪرڻ بجاءِ بلڊنگ فوري خالي ڪرڻ جا انتظاميه پاران نوٽيس ڏنا ويا آهن ۽ نه ئي بلڊنگ جي تعميراتي ڪم تائين ڪنهن ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ وقتي طور جڳھ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ، هنن چيو آهي ته خدشو آهي ته ميونسپل انتظاميه مڇي مارڪيٽ جي بلڊنگ کي ڊاهي هتي ڪو شاپنگ سينٽر جوڙڻ چاهي پئي جنهن لاءِ ڪنهن بلڊر کي پڻ تعميرات لاءِ چيو ويو آهي، ڪيترائي سال اڳ انتظاميه وڏي ۽ ننڍي گوشت جون مارڪيٽون پڻ ختم ڪرائي چڪي آهي جتي دڪان ٺهرائي وڏين رقمن تي پنهنجي من پسند واپارين کي ڏنا ويا آهن.اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مير علي نواز ٽالپر ، اڳوڻي يوسي ناظم مير ڪاظم رضا ٽالپر ، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر اقبال حاجاڻو ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ اعظم ڀٽي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته وڏي ۽ ننڍي گوشت جو مارڪيٽون ميونسپل انتظاميه ختم ڪرائي چڪي آهي هاڻي وري اڪيلي واحد بچيل مڇي مارڪيٽ کي به ختم ڪرائڻ چاهي ٿي ، جيڪا سازش اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ، اسان مڇي جي واپارين سان گڏ آهيون ، سندن هر احتجاج ۾ ڀرپور ساٿ ڏينداسين ، ميونسپل ڪميٽي جي سي ايم او اعجاز ملاح پنهنجي اخبار سان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پيور بلاڪ جا ڪم هلي رهيا آهن مڇي جي واپارين اسان کي لکت ۾ بلڊنگ جي زبون حالي جي درخواست ڏني هئي ، اسان بلڊنگ جي نئين سر مرمت ڪرائڻ لاءِ کين نوٽيس جاري ڪيا آهن.