ٽنڊو محمد خان (رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان جي گلشن فيض ڪالوني جي مسجد جي پيش امام تي نينگر سان زيادتي جو الزام، بي سيڪشن پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، پيش امام الزام کي غلط قرار ڏيئي ڇڏيو . ٽنڊو محمد خان شهر جي گلشن فيض ڪالوني واسڻ سڪينه پليجو الزام لڳايو آهي ته مسجد مدرسي جي پيش امام حافظ صدام حسين جت منهنجي 12 سالا معصوم نينگر فيضان پليجو کي سخت مارڪٽ تشدد جو نشانو بڻائي کيس مسجد جي باٿروم ۾ بدفعلي جو نشانو بڻايو آهي جنهن کانپوءِ کيس مسجد کان ٻاهر ڪڍي گهر ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. جڏهن نينگر گهر آيو ته هُو پريشان ۽ اکين مان لڙڪ اچڻ جي ڪري خوف حراس ۾ ورتل هو جنهن جي اهڙي حالت ڏسي هن کان پڇا ڪئي ته معصوم نينگر اصل حقيقت ظاهر ڪئي جنهن کانپوءِ اسان پوليس وٽ وڃي فرياد ڪئي پر پوليس واقعي جي ذميوار مسجد جي پيش امام جي خلاف ڪو به قانوني قدم کڻي نه سگهي آهي اسان کي ليٽر ڏئي اسپتال اماڻي ڇڏيو.  هوڏانهن الزام هيٺ آيل مسجد جي پيش امام حافظ صدام حسين جت واقعي کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي ڄاڻايو آهي ته پوليس ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو آهي جنهن ۾ ڪجهه به ثابت نه ٿيو آهي، منهنجي خلاف ڪو به ڏوھ ثابت ٿيو ته سزا لاءِ تيار آهيان، ڄاڻايل نينگر 2 مهينا اڳ مدرسي مان کيس ڪڍيو ويو هو جنهن جي ڪري غلط الزام لڳائي ديني مدرسي کي بدنام ڪيو وڃي پيو.