ٽنڊو غلام حيدر ويجهو نوجوان جوڙي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، لاش هٿ

0
63
ٽنڊو غلام حيدر ويجهو نوجوان جوڙي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، لاش هٿ
ٽنڊو غلام حيدر ويجهو نوجوان جوڙي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، لاش هٿ

ٽنڊوغلام حيدر ويجهو نوجوان جوڙي جا وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ، پسند جو پرڻو نه ٿيڻ تي جوڙي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

ڳوٺ موسيٰ چانگ ۾گهرن ٻاهران 18ورهين جي ڪلثوم عرف پري ڌيءُ عبدالحئي چانگ ۽ 20 ورهين جي محمد عرس پٽ عبدالمجيد چانگ جا هٿ آيل لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا

علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان محمد عرس شادي شده هو، جوڙو هڪ ٻئي کي پسند ڪندو هو، شادي نه ٿيڻ تي ٻنهي ڄڻن انتهائي قدم کنيو