اليڪشن شيڊول ملتوي ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ هڪ ٺهراءُ سينيٽ ۾ پيش

0
63
اليڪشن شيڊول ملتوي ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ هڪ ٺهراءُ سينيٽ ۾ پيش
اليڪشن شيڊول ملتوي ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ هڪ ٺهراءُ سينيٽ ۾ پيش

اٺ فئبروري جو اليڪشن شيڊول ملتوي ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ هڪ ٺهراءُ سينيٽ ۾ پيش، فاٽا جي آزاد سينيٽر هلال الرحمان طرفان ٺهراءُ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو

 ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ڪي پي ۾ سڪيورٽي خدشن سبب هڪ طرف اميدوارن کي جان جو خطرو آهي ته ٻئي طرف ڪي پي ۾ تمام گهڻي ٿڌ ۽ برفباري ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ اميدوارن کي اليڪشن مهم هلائڻ ۾ڏکيائي پيش اچي رهي آهي

 ڪي پي ۾ اليڪشن جي تاريخ غير موزون ثابت ٿي رهي آهي، ان ڪري 8 فيبروري تي رٿيل اليڪشن ملتوي ڪئي وڃي

 ان کان اڳ فاٽا جي سينيٽر دلاور خان طرفان اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ پڻ سينيٽ جي سيڪريٽريٽ ۾ جمع  ڪرايو ويو هو