ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار سول جج ۽ اينٽي ڪرپشن ٽنڊوالهيار ميونسپل ڪاميٽي تي اوچتو ڇاپو هنيو،  ان موقعي تي ميونسپل ڪاميٽي جاڪيترائي آفيسر غائب  هئا، ميونسپل ڪيٽي جو تمام رڪارڊ  سول جج علي بخش ٿيٻو ۽ اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر ملڪ نزير احمد ڪڍرائي ورتو. ميونسپل جي انجينئير سيد اعجاز شاھ کان پڇا ڳاڇا پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪوريج لا۽ پهتل صحافين کي به ميونسپل جي گيٽ تي روڪيو ويو. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سال 2018 کان 2021 تائين جو سمورو ڪار وهنوار ۽ ريڪارڊ ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊوالهيار جو سول جج جي موجودگي ۾ اينٽي ڪرپشن  چيڪ ڪري پهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. اهو به معلوم ٿيو آھي ته ميونسپل ڪاميٽي جي اڳوڻي چرمين سيد امداد شاھ جي دور ۾ ٿيل اسڪيمن ۽ انهن تي ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن خلاف اينٽي ڪرپشن کي درخواستون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت ڪاروائي عمل ۾ آئي آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي ٽنڊوالهيار ميونسپل ڪاميٽي خلاف ٿيندڙ جاچ تي ٽنڊوالهيار جي شهرين خوشي جو اظھار ڪندي ٽنڊوالهيار سول جج تي اعتماد جو اظھار پڻ ڪيو آهي.