ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم جي سينيئر صحافي ۽ ٽنڊو آدم پريس ڪلب جي آفيس سيڪٽري حاجي خان سولنگي جو والد مينھان خان سولنگي بيماري وگھي لاڏاڻو ڪري ويو سندس نماز جنازي ۾ سياسي سماجي شخصيتن صحافين ميان محمد ناظم آرائين، سردار عامر خاصخيلي، سڪندر علي گيلاني، رضوان چندريگر، لکاڏنو خاصخيلي، امداد راھي، مبارڪ خاصخيلي،علي رضا ساند سميت ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، مرحوم کي اسماعيل شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.