ٽريننگ ڪندڙ اهلڪار جي دلچسپ انداز ۾ ٿيل شڪايتن واري وڊيو وائرل

0
322

اڪري چودڳي (ن پ ا) سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر تي لوئر ڪلاس جي ٽريننگ ڪندڙ اهلڪار جي دلچسپ انداز ۾ ٿيل شڪايتن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

سيٺارجه ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪار غلام نبي شر لوئر ڪلاس دوران ٽريننگ سينٽر تي سهولتن جي کوٽ ۽ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي مولوي جي واعظ واري انداز ۾ بيان ڪيو

هي چوي ٿو ته پڙهي لکي آفيسر ٿيو يا ماستر ٿيو، پيءَ ماءُ جو نافرمان ئي پوليس ۾ ڀرتي ٿيندو، آرام به نه ٿا ڪري سگهون، سيٽي لڳڻ شرط گرائونڊ تي پهچون ٿا، لا جا ڪلاس سمجھ کان ٻاهر آهنPolice passing out parade held at training centre in Karachi – Pakistan Today

اهلڪار چوي ٿو ته غير معياري کاڌي سبب گئس بدهضمي جو مسئلو آهي، واش رومن جي حالت پڻ خراب آهي، دعا ڪيو ته خير سان لوئر ڪلاس پوري ڪري سگهون

وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس ٽريننگ سينٽرن جي معيار تي آڱريون کڄڻ لڳيون، سوشل ميڊيا صارفين پاران آءِ جي سنڌ کي پوليس ٽريننگ سينٽرن جي حالت بهتر بڻائڻ ۽ جوانن کي بهتر سهوليتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي