ٻِليءَ جي ڪنڌ ۾ گهنڊڻي ڪير ٻڌندو؟

0
161
ٻِليءَ جي ڪنڌ ۾ گهنڊڻي ڪير ٻڌندو؟

 پاڪستان ۾ ڪرپشن جو معاملو نهايت سادو آهي! ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن چوڪيدار، چورن سان ملي وڃي ته اتي شين کي چوري ٿيڻ کان ڪير بچائي سگهندو!؟ ملڪ جي قائم ٿيڻ سان گڏ وجود ۾ ايندڙ ڪرپشن حقيقي طور مفادن جي حاصلات جو لامتناهي سلسلو آهي. هن سڄي مامري ۾ اسان سڀ ‘حمام ۾ اگهاڙا’ جيان آهيون. هر ماڻهو، جتي بظاهر ڪرپشن جي مخالفت ڪري ٿو، اتي هو ان مان فائدي وٺڻ وارن مان پڻ آهي.

                 هن وقت ملڪي صورتحال تي نظر ڪجي ته حالتون جتي ڳنڀير نظر اچن ٿيون، اتي ڪجهه اميد پڻ آهي. خاص ڪري آرمي چيف جي ڪراچي، لاهور ۾ واپارين سان ملاقات کانپوءِ نرم لفظن ۾ وارننگ ۽ ان بعد ڊالر جو گهٽجڻ عام ماڻهن ۾ پڻ سرهائيءَ جو سبب آهي. حالانڪه هو ڄاڻن ٿا ته ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائيءَ جي ڪري انهن کي ڪو به سڌو فائدو نه پوندو، پر پوءِ به اميد ته ڪري سگهجي ٿي. ٻيو پاسو سياست وارو آهي، يعني وقت سر ملڪ ۾ چونڊون ڪرائي اقتدار عوامي نمائندن جي حوالي ڪرڻ، پر هاڻي ان ۾ عوام جي اڪثريت جي ڪابه دلچسپي ناهي، ڇاڪاڻ ته گذريل پنجن سالن ۾ ملڪ جي مڙني سياسي پارٽين اقتدار ۾ رهي ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو. پي. ٽي. آءِ ساڍا ٽي سال ته ڏيڍ سال ملڪ جون باقي سڀ پارٽيون پي. ڊي. ايم جي پليٽ فارم تان حڪومت ڪنديون رهيون، پر ڪي خاطر خواه يا عوام جي ڀلائيءَ جا نتيجا نه نڪتا. ان ڪري موجود صورتحال ۾ ڊالر جي قميت ۾ لاٿ جي شڪل ۾ هڪ آس ماڻهن لاءِ وڏي ڳالهه آهي. اهو پڻ ته هن دؤر ۾ چورن جا پيرا کڄن پيا، جنهن ۾ ڪهڙي ريت وڏيون مافيائون ملوث آهن، اهي انڪشاف پڻ سامهون اچن پيا. ان جو هڪ مثال ملڪ ۾ جاري ‘کنڊ اسڪينڊل’ آهي. پنجاب جي سيڪريٽري خوراڪ زمان وٽوءَ جو عهدي تان هٽائڻ ۽ ان جو هڪ نجي چينل تي اچي ٻڌائڻ ته ان سڄي معاملي جو اصل سبب لاهور هائيڪورٽ جا ‘اسٽي آرڊر’ جاري ڪرڻ آهن. نتيجي ۾ کنڊ جا واپاري ڪجهه ڏينهن ۾ ئي اربين روپيا ڪمائي ويا. ان ڳالهه مان اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته هن ملڪ جو مٿيون طبقو، ڪڏهن به عام ماڻهوءَ سان سچو ناهي. هنن کي قفط پنهنجا مفاد عزيز آهن. کنڊ اسڪينڊل کان اڳ شهباز شريف حڪومت ۾ سڄي ملڪ گڏجي دانهون ڪيون ته پشاور جي رستي ڊالر افغانستان سمگل ٿي رهيا آهن، ان سمگلنگ کي روڪيو وڃي، نه ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ايندو، پي. ڊي. ايم حڪومت ۾ ويٺلن جي مٿان انهن دانهن ڪوبه اثر نه ڪيو. وري نگرانن جي حڪومت ۾ ڊالر جي سمگلنگ وڌي وئي، ڪجهه ڏينهن اندر ڊالر 40 روپيا وڌي ويو، پر آرمي چيف جي مداخلت، ٻين لفظن ۾ ڏنڊي جي استعمال ڪري هاڻي ڊالر نه فقط بينڪن پر اوپن مارڪيٽ ۾ به 30 روپين جي لات سان موجود آهي. هڪ اندازي موجب جيڪڏهن اها سختي برقرار رهي ته ڊالر 250 تي پهچي ويندو. هن جاءِ تي هڪ سوال آهي ته اهي قدم شهباز حڪومت به کڻي سگهي پئي. ان اهو سڀ ڪجهه ڇو نه ڪيو؛ شايد مفادن جو ٽڪراءَ ۽ ان سڄي نظام مان وڌيڪ فائدي وٺڻ جي ڳالهه آهي.

ڊالر جي قيمت گهٽجڻ بابت جتي عام ماڻهو خوش آهي ته اتي هو اها ڳالهه سوچي نراس ٿي وڃي ٿو ته ڊالر جي قيمت ڀلي هيٺ ٿئي، پر باقي ٻين شين جون قيمتون جهڙي ريت آسمان کي ڇهن پيون، اهي ڪڏهن به گهٽ نه ٿينديون. هونءَ به اهو عام خيال آهي ته پاڪستان ۾ جن شين جي قيمت هڪ ڀيرو چڙهندي آهي، اها وري هيٺ ناهي ٿيندي. اها ڳالهه ڪافي قدر درست به آهي. ڇاڪاڻ ته اهو اهو سڀ ڪجهه هڪ منصوبي سان ڪيو ويندو آهي. ڊالر جي قيمت ۾ جيئن ئي اضافو ٿيندو ته عوام دشمن مافيا جيڪا ان تاڪ ۾ هوندي آهي، هڪدم شين جي قميتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيندي آهي. ايتري تائين جو ڀاڄين جون قيمتون پڻ وڌي وينديون آهن، پر جيئن ڊالر گهٽ ٿيندو ته واپاري ڪڏهن به قيمتن ۾ گهٽتائي نه ڪندا. هو منافعي تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز ناهن ڪندا. ها، ايترو ٿي سگهي ٿو ته ڊالر جي گهٽ قيمت مان سرڪار فائدو وٺي جيڪڏهن بجلي ۽ پئٽرول سستو ڪري ته عام ماڻهوءَ جي ڀلائي ٿي سگهي! خاص ڪري پئٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ سبب باقي شين جي اگهن ۾ پڻ لاٿ اچي سگهي ٿي. توهان عام طور ٻڌندا هوندا ته پئٽرول جي شين ۾ واڌ جي ڪري مهانگائي ٿي آهي، اها ڳالهه ڪافي قدر سچ پڻ آهي. ڇاڪاڻ ته منڊيءَ جي اگهه پار تي گاڏين جي ڀاڙن جو وڏو اثر پوي ٿو.

مهانگائي جي اهڙين حالتن ۾ نگران حڪومت جي سختي وقتي طور تي ته فائدو رسائي سگهي ٿي پر ان جا اثر دير تائين قائم رهي نه سگهندا. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ موجود مافيائون تمام گهڻيون سگهاريون آهن، يا ٻين لفظن ۾ هي سياستدانن، سول، نان سويلين بيوروڪريسي، اسٽيبلشمنٽ جو عجيب جوڙ آهي، جنهن جو اولين مقصد صرف پنهنجا پيٽ ڀرڻ آهي. نگران حڪومت جي مٿان ڪجهه ڏينهن ۾ دٻاءُ وڌڻ شروع ٿيندو ته هو عام چونڊون ڪرائين. اليڪشن کانپوءِ وري ساڳيا ماڻهو اچي ويندا، جن جا مفاد سدائين انهن کي پيارا رهيا آهن. اهي حڪومتون ڪڏهن به عوام دشمن مافيا جي اڳيان بيهي ناهن سگهنديون. ويجهي ماضيءَ ۾ اهڙا مثال ڏسي چڪا آهيون، سال 2018 ۾ عمران خان جهڙي ريت ماڻهن سان واعدا ڪيا ۽ پوءِ ڪهڙي ريت هو هڪ هڪ ڳالهه تان “يوٽرن” وٺندو رهيو، اهو تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. هتي عمران خان جو خاص ذڪر ان ڪري به ڪجي ٿو ته هن ماڻهن سان تمام گهڻا وچن ڪيا هئا، جڏهن ٻئي پارٽيون ته هاڻي مڪمل طور ‘اسٽيٽس ڪو’ جو پارٽيون ٿي ويون آهن. ان جا مثال هر پنجن سالن کانپوءِ ملڪ جي بد کان بدتر صورتحال آهي. ٻين لفظن ۾ اهي ڄؤرون آهن، جيڪي رت جي آخري ڦڙي تائين ماڻهن جو رت چوسڻ چاهين ٿيون. ان ۾ مهانگائيءَ کان سرڪاري وسيلن جو ظالماڻو استعمال پڻ شامل آهي، جنهن ۾ مفت پئٽرول کان مفت بجليءَ جو حصول پڻ اچي وڃي ٿو. بجليءَ جي ڳالهه نڪتي ته اها ڳالهه پڻ ڪجي ٿي ته هن وقت ملڪ ۾ بجليءَ جي چورن خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، پر هڪ نظر سان ڏٺو وڃي ته اهو سڀ ڪجهه کل جوڳو آهي. اهو ائين ته بجليءَ جي چوري ۾ سڌو سنئون بجلي ڪمپنين جي وڏن آفيسرن کان هيٺ اهلڪارن تائين ملوث آهن. عام ماڻهوءَ جي ڪهڙي مجال جو سرِعام بجلي چوري ڪري سگهي! اهو سڀ ڪجهه بجلي ڪمپنين وارن جي نگرانيءَ ۾ ئي ٿيندو آهي. اها ڪهاڻي رڳو بجلي ڪمپنين جي نه پر هر اداري جي آهي! هر اداري ۾ ڪاريون رڍون موجود آهن، جيڪي ڪڏهن به ڪرپشن کي روڪڻ نه چاهينديون. اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ آخر ڪير ٻليءَ جي ڪنڌ ۾ گهنڊڻي ٻڌندو؟ اسان صرف سوچي سگهون ٿا!