ٻي ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان جو ويسٽ انڊيز کي کٽڻ لاءِ 173 رنسن جو ٽارگيٽ

0
343
ٻي ٽي ٽوئنٽي
ٻي ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان جو ويسٽ انڊيز کي کٽڻ لاءِ 173 رنسن جو ٽارگيٽ

ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻئين ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي کٽڻ لاءِ 173 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو

ڪراچي ۾ کيڏي ويندڙ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو

پاڪستان طرفان مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهيون، محمد رضوان 38 ۽ افتخار احمد 32 رنسون ٺاهي نمايان رهيا

 

پاڪستان جي اننگز

ٻئي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جي شروعات سٺي نه رهي ۽ ڪپتان بابر اعظم 7 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو

 

پاڪستان جي ٻي وڪيٽ 38 رنسن تي ڪري جڏهن فخر زمان 10 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو

2 وڪيٽون وڃائڻ کانپوءِ رضوان ۽ حيدر علي ٽيم جو اسڪور 86 رنسن تائين پهچايو، رضوان 38 رنسن تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته حيدر علي به 31 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو

پاڪستان جي پنجين وڪيٽ 111 رنسن تي ڪري پئي جڏهن محمد نواز صرف هڪ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته آصف علي به اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ۽ 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو

آخري اوورن ۾ افتخار احمد ۽ شاداب خان جارحاڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور مقرر 20 اوورن ۾ 172 تائين پهچايو

محمد افتخار 19 بالن تي 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته شاداب 12 بالن تي 28 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو

ويسٽ انڊيز طرفان اوڊين سمٿ 2 جڏهن ته عقيل حسين، اوشن ٿامس، روماريو ۽ والش هڪ هڪ وڪيٽ ورتي

واضح رهي ته پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 63 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي