اپوزيشن جا سڀ مطالبا مڃيا، هاڻ لسانيت نه پکيڙي وڃي: سعيد غني

0
233
ڪراچي جي ٺيڪيدار

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته مڪاني قانون ۾ ترميم کان پوءِ روز نيون ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن، مڪاني قانون ۾ جيڪي به ترميمون ڪيون آهن ان ۾ 2013ع ۾ ڏنل اختيارن ۾ گهٽتائي نه پر واڌارو ڪيو آهي، مخالف ڌر هي بل پڙهيو ئي ناهي

پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته فوتي، ڄم ۽ شادي جي رجسٽريشن يوسي کي مليل آهن ۽ غلطي ۾ لکيل هوته اهي اختيار ڊي ايم سيز کي مليل هئا اهو درست ڪيو آهي.هي اڻپڙهيل ۽ بيوقوف لڳي رهيا آهن جن قانون کي پڙهيو ئي ناهي

هن چيو ته مخالف ڌر جو مطالبو هيو ته ٽائون ٺاهيا وڃن اسان ٽائون ٺاهيا، واٽر اينڊ سيوريج ۾ صوبائي وزير کي  ان ڪري چيئرمين ڪيو آ ڇاڪاڻ ته ڪجهه ٻاهرين فنڊنگ سان منصوبا هلندڙ آهن، سنڌ سالڊ ويسٽ ڪراچي ريجن جو چيئرمين ميئر کي بڻايو ويو آهي، سنڌ جي صوبائي حڪومت جي 10 کان وڌيڪ کاتن ۾ مڪاني نمائندن کي اختيار ڏنا ويا آهن

هن چيو ته ميئر جي ڳجهي چونڊ ڪرڻ جي ترميم مڃي آهي ۽ ڪائونسل جي چونڊيل ميمبر کي ميئر چونڊڻ وارو مطالبو به تسليم ڪيو آهي. صوبائي وزيرچيو ته سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر لساني سياست ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير جي تقرير تي غلط تبصرا ٿي رهيا آهن، اسيمبلي ايوان ۾ ايم ڪيو ايم وارا هيا ئي ڪونه، پي ٽي آئي ميمبر هٿين پئجي ويا هئا. سنڌ اسيمبلي ۾ اسان جي اڪثريت آهي اسان ئي قانون پاس ڪنداسين

سعيد غني چيو ته جيڪي ماڻهو مڪاني نظام کي برداشت نه ٿا ڪن اهي اسان تي تنقيد ٿا ڪن اسان ته مڪاني نظام کي مدو مڪمل ڪرايو. جنهن پي ٽي آئي گڏيل اجلاس ۾ اڌ ڪلاڪ جي اندر 30 کان وڌيڪ بل پاس ڪري ڇڏيا هئا اها ڪهڙي منهن سان سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪري رهي آهي، اسان ايم ڪيو ايم جي مظاهرن کان نه پر شهر جي امن امان خراب ٿيڻ ۽ لساني سياست تي پريشان آهيون،

ميڊيا، سول سوسائٽي جي ذميواري آهي ته اهي سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان وڙهڻ واري سازش کان بچائن، پيپلزپارٽي جي بغض ۾ لسانيت نه پکيڙي وڃي. جمهوري نظام ۾ جنهن جي اڪثريت هوندي اهو حڪومت ڪندو. نواز شريف وٽ سنڌ ۾ اڪثريت نه هئي پر هو وزيراعظم ٿيو، عمران خان ميانوالي جو آ پر هو سنڌ جو به وزيراعظم آهي.