سکر(بيورو رپورٽ) فاريسٽ ورڪرز ايسوسئيشن سنڌ جو ھنگامي اجلاس صوبائي صدر شمس الدين کوسو جي صدارت ھيٺ سکر ۾ منقعد ڪيو ويو، جنھن ۾ عھديدارن خادم حسين ماڪو، رحيم بخش چاچڙ، ياسر انور ماڪو، طفيل احمد انصاري، يار محمد ڪليري، سعيد احمد کوسو، محمد حيات ڪلوڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳوڻن چيو ته بنيادي، جائز ۽ قانوني مطالبن اپگريڊيشن، آن لائين پگھارن، ھائوسنگ اسڪيم، سن، فوتي ڪوٽا، ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مستقل ڪرڻ متعلق ٻيلي کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير توڙي ھاڻوڪي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ کي چارٽر آف ڊمانڊس ڏنو ويو ھو، جن طرفان آسرا ته ڏنا ويا آھن پر ھن وقت تائين عملي قدم ڪو به ناھي کنيو ويو، تنھن ڪري ملازمن ۾ سخت مايوسي ۽ بيچيني واري لھر ڇانيل آھي. اڳواڻن افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته ٻيلي کاتي جي ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪيو پيو وڃي، پنجاب، ڪي پي ڪي توڙي بلوچستان ۾ فاريسٽ ملازمن گريڊ ۽ پگھارون اسان کان ڪافي بھتر آھن. فاريسٽ ورڪرز ايسوسيئشن سنڌ جي صدر شمس الدين کوسو جو چوڻ آھي ته گڏجاڻيءَ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو 4 آگسٽ تي ڌرڻو ھڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، مطالبا تسليم نه ٿيا ته ڪراچي جي اعلانيل ڌرڻي بعد احتجاجي تحريڪ توڙي ڪم ڇڏ ھڙتال وارو دائرو پوري سنڌ تائين وسيع ڪرڻ متعلق آئيندا جو لائحه عمل ايسوسئيشن جي گڏجاڻي ڪوٺائي سمورن اڳوڻن جي مشوري بعد جوڙيو ويندو.