ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  ٻوڏ متاثرن  جي ڊٺل گهرن  جي ٻيهر اڏاوت، آبپاشي نظام، روڊ  نيٽ ورڪ  ۽ وٽر سپلاءِ اسڪيمن جي بحالي  لاءِ عالمي بينڪ کي هڪ ارب ڊالر  ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي، ڪالهه عالمي بينڪ جي سائوٿ ايشيا بابت نائب صدر مارٽن ريزر جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد  سان ڳالهائيندي وزير اعليٰ چيو ته برساتن سبب  سروس سيڪٽر ۽ زراعت کي 30 سيڪڙو نقصان ٿيو، جنهن سان 18 لک ماڻهن جي روزگار جا موقعا گهٽجي ويا آهن، انهي سان غربت ۾ ساڍا چار کان پنج سيڪڙو اضافو ٿيندو، 90 لکن کان سوا ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ اچي ويندا، بي گهر ٿيل برسات  متاثرن کي گهٽ قيمت وارا گهر ٺهرائي ڏيڻ هڪ وڏي رليف هوندو، اهڙن گهرن جي تعمير تي 500 ملين ڊالر خرچ ايندا. جيڪڏهن اهي متاثر سياري ۾ به خيمن ۾ رهيا ته مسئلا ٿيندا، جنهن تي ورلڊ بينڪ جي سائوٿ ايشيا جي سربراهه چيو ته سندس ماهر ۽ سنڌ حڪومت جا لاڳاپيل آفيسر گڏجي ويهي لاڳت، وقت ۽ تعمير جي ٽيڪنالاجي جو تعين ڪرڻ بعد پراجيڪٽ تيار ڪري  منظوري لاءِ بينڪ اختيارين ڏانهن موڪليندا، ملاقات ۾ وڏي وزير چيو ته غريب مردن توڙي عورتن کي مالي سهائتا فراهم ڪرڻ لاءِ اسڪيمون شروع ڪيون وڃن ته جيئن اهي پنهنجون آمدني پيدا ڪندڙ سرگرميون شروع ڪن، انهي اسڪيم تي 100 ملين ڊالر لاڳت ايندي. وڏي وزير چيو ته تيز برساتن سبب روڊ ختم ٿي ويا آهن ، جن جي تعمير لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 100 ملين ڊالرن جي ضرورت پوندي، ساڳئي ريت واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن جي مرمت ۽ بحالي تي لڳ ڀڳ 100 ملين ڊالر لاڳت ايندي. جڏهن ته  آبپاشي نيٽ ورڪ جي بحالي تي 94.7 ارب رپيا خرچ ٿيندا عالمي بينڪ گهٽ ۾ گهٽ 250 ملين ڊالر جي رقم مختص ڪري. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏو وزير ۽ ورلڊ بينڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر هر هفتي ڇنڇر تي سمورين اسڪيمن بابت جائزو اجلاس ڪندا،ڪالهه هتي ڊائون سينڊروم پروگرام  ۾ لرننگ سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان کي جامع معاشرو بڻائڻو آهي، جتي سڀني کي بنا ڪنهن متڀيد جي قبول ڪرڻ ۽ ان کي مڪمل آزادي سان زندگي گذارڻ جا هڪجهڙا موقعا فراهم ٿي سگهن، هن چيو ته اسان ڊائون سنڊروم وگهي متاثر 300,000 ماڻهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ پراميد آهيون.