ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي شھر جي بخاري پاڙي ۾ منشيات جي اڏي تي  پوليس ڇاپو  هنيو، ڇاپي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾  هڪ پوليس اهلڪار حيدر بخش جاکرو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته منشيات فروشن خلاف پوليس وڌيڪ نفري طلب ڪري بخاري پاڙي کي ڪڙو چاڙهي 3 منشيات فروشن سرفراز شاھ ، نادر شاھ ۽ سجاد شاھ کي گرفتار ڪري وٽانئن 5 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ان حوالي سان ايس ايچ او اسلم گگو ٻڌايو ته پوليس ڪارروائي دوران ٽن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري وٽانئن 5 ڪلو گرام چرس هٿ ڪيو ويو آهي