ٺٽو (رپورٽر ) سنڌ ثقافت کاتي پاران ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي 42 فنڪارن، شاعرن ، اديبن ۾ مجموعي طور 12 لک کان وڌيڪ وظيفي جا چيڪ ورهايا ويا. ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي اديبن ، شاعرن ۽ فنڪارن، الغوزي نواز آچار سميجو، فنڪار عثمان مرگھر، مينهن وسايو پالاري،نواز اسماعيل خاصخيلي، نواز تاج پليجو، ڪارو ماڇي مرحوم جي گھر واري، عبد سنڌي، نواز احمد، رمضان گندرو، نياز ديوانو ميراڻي، ماسٽر عثمان ملاح، گل حسن جاکرو، ابراھيم فقير ملاح، گل محمد سولنگي، احمد ملاح، حيدر بلوچ، عبدالرشيد گبول، اسماعيل خاصخيلي، خداڏنو طاراڻي، مريم مجيدي، افروز سولنگي، غلام فاطمه خاتون ملاح، ساران گندرو، زيب النساءَ ، ذليخان بيبل ، حور مارل ، محمد اسلم، محمد ٻارڻ، محمد خاصخيلي، عرس مـڱڻهار، رمضان گندرو، يارمحمد لاسي، محمد بخش رونجھو، مظفر علي شاھ ۽ ٻين کي سالياني وظيفي جي رقم 60 هزار مان 30، 30 هزار رپين جا چيڪ پير حسام الدين شاھ راشدي لائبريري ٺٽو جي انچارج عبدالمجيد جماري حوالي ڪيا.