ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، ڪالهه اسٽيشن روڊ تي محمد اسماعيل سومرو جي دڪان مان نامعلوم چور لکين رپين جو سامان، موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا، جڏهن ته چور آدم کوسو جي دوڪان جا پڻ تالا ٽوڙي روڪ ۽ سامان کڻي ويا، ھوڏانھن ھاءِ اسڪول عبدالقادر شاھ جيلاني مان نامعلوم چاٻي چور علي بخش لاشاري جي موٽر سائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا.