ٺل: اغوا ڄاڻايل ڪيلم ٻائي بيان بعد مڙس حوالي

0
214

ٺل: ڪجهه ڏينهن اڳ ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام رسول مان اغوا ڄاڻايل ڪيلم ٻائي واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو. ڪيلم ٻائي کي مير پور ٻرڙو پوليس هٿ ڪري سول ڪورٽ ٺل ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته ناري سان شادي ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ احسان ٻرڙو به ڪورٽ ۾ موجود هو. ان دوران ناري کي والدين سان ملايو ويو پر ڪيلم ٻائي ساڻن وڃڻ کان انڪار ڪيو، بعد ۾ ڪيلم ٻائي عدالت ۾ مڙس سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو، جنهن تي سول جج ناري کي پنهنجي مڙس جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.