ٺري ميرواھ (ن پ ا) آمريڪي اين جي او پاران ٺري ميرواھ جي 90 ڳوٺن مان پاڻي نيڪالي وارو عمل تيز، ڪيترن ئي ڳوٺن مان 50 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿي ويو. آمريڪي اين جي او هيومنٽي پاران  تعلقي ٺري ميرواھ جي 90 کان وڌيڪ ڳوٺن مان پاڻي نيڪاليءَ وارو عمل تيزي سان جاري آھي. ٽريڪٽرن ۽ ٻي مشينريءَ ذريعي پاڻي نيڪال ڪري ميرواھ ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارو ڪم جاري آھي. ان سلسلي ۾ هيومنٽي جي ڊائريڪٽر پاڪستان آپريشنز علي حسن زيدي ٻڌايو ته ٺري ميرواھ تعلقي جي 90  ڳوٺن مان 50سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي نيڪال ڪيو ويو آھي، هفتي اندر سمورو پاڻي نيڪال ڪرائي زندگيءَ جو عام وهنوار بحال ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ٺري ميرواھ شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف فاضل راهو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شهرين جو چوڻ هو ته انتظاميا جي نااهلي سبب ٻه مهينا گذرڻ کان پوءِ به پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي. مظاهرين ڪمشنر سکر ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ وڌيڪ مشينري لڳائي وڃي .