ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ جي حيدري محلا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اسڪول ويندڙ شاگردياڻين کي زبردستي فون نمبر ڏئي تنگ ڪندڙ اوباش نوجوان عدنان مانڊڻ کي پوليس فون نمبر ٽريس ڪري پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٺري ميرواھ ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي عدنان مانڊڻ خلاف غيرقانوني پسٽل رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جوابدار پاران شاگردياڻي کي زبردستي ليٽر ڏيڻ تي ناري دانهون ڪيون هيون، جنهن بعد جوابدار جي ڏنل فون نمبر کي ٽريس ڪري پوليس کيس پسٽل سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.