ڪابل (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ شروع ڪري ڏني آهي. يونس خان کي ڪجهه ڏينهن اڳ افغان ڪرڪيٽ بورڊ بيٽنگ ڪنسٽلٽنٽ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.  افغانستان جي ڪوچنگ ملڻ تي يونس خان پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو. هن چيو آهي ته بيٽنگ ڪنسلٽنٽ ٿيڻ تي خوش آهيان ۽ هفتي کان هتي ڪم ڪريان پيو. هن چيو ته افغان رانديگر باصلاحيت آهن، ٽيم سينئر ۽ جونئر رانديگرن تي ٻڌل آهي، ۽ رانديگرن ۾ سکڻ جوشوق به آهي. هن چيو ته رانديگرن سان پنهنجا تجربا شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو، پر افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.