خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ يوم آزادي جي سلسلي ۾ ھاڪي جي نمائشي ميچ خيرپور ليجنڊز کٽي ورتي. خبر موجب ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسيئيشن خيرپور پاران بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم لقمان تي پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏينهن جي سلسلي ۾ ھاڪي جي نمائشي ميچ خيرپور ليجنڊز ۽ خيرپور اسٽارز جي ٽيمن جي وچ ۾ کيڏي وئي جيڪا سنسني خيز مقابلي کان پوءِ خيرپور ليجنڊز 1-0 تان کٽي ورتي. ميچ کان اڳ گرائونڊ ۾ پاڪستان جو قومي جھنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ قومي ترانو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ذوالفقار علي ڏھوٽ، سيد ذاڪر حسين زيدي، غلام مرتضيٰ ڏھوٽ، عرفان علي، جمشيد ڪانھر، امتياز جماڻي سميت شھرين جو وڏو انگ موجود ھو