يوسف رضا گيلاني ويڪائو اپوزيشن ليڊر آھي: شاھ محمود قريشي جو خطاب

0
288
يوسف رضا گيلاني ويڪائو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود يوسف رضا گيلاني ويڪائو اپوزيشن ليڊر ۽ سندس استعيفيٰ کي ڊرامو قرارڏئي ڇڏيو  آھي، سينيٽ ۾ پرڏيهي وزير جي خطاب دوران پ پ سينيٽرز پاران احتجاج ۽ گوڙ ڪيو ويو

 شاهه محمود قريشي تنقيدي وار ڪندي چيو آهي ته نواز ليگ وٽ اڪثريت هجڻ باوجود گيلاني اپوزيشن ليڊر ڪيئن ٿيو، ايوان کي خبر آهي ته اپوزيشن ليڊر ڪيئن ووٽ خريد ڪيا، سندس پُٽ طرفان ووٽ خريد ڪرڻ واري وڊيو به سڀني ڏٺي آهي

ھن چيو تھ نواز ليگ سان اپوزيشن ليڊر جي چونڊ کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ بل تي ڌڪ ٿيو، اڳتي به ساڻن ڌڪ ٿيندو، يوسف رضا گيلاني پنهنجي غير حاضري تي وضاحت ڏني، عوام ۽ مخالف ڌُر سندس وضاحت مامن مطمئن نه آهي، اپوزيشن ليڊر ڪمپرومائيزڊ آهي، سينيٽر دلاور خان به ٻڌايو ته اپوزيشن ليڊر کيس اجلاس ۾ گهرايو پر پاڻ نه آيواسٽيٽ بئنڪ بل جي منظوري

ٻئي پاسي سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي تھ شاهه محمود قريشي مون کي رولز سيکارڻ آيو هو، سڀاڻي سينيٽ ۾ کيس جواب ڏيندس، اپوزيشن ليڊر پاران پرڏيهي وزير جي خطاب تي ردعمل ڏنو ويو آھي، يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته شاهه محمود قريشي سينيٽ جي توهين ڪئي آهي، اسان پرڏيهي وزير کي ڳالهائڻ ڏنو

ايوان مان هليا وڃون ها ته ڪنهن کي خطاب ڪري ها؟ جڏهن آئون اسپيڪر هئس ته قريشي پارلياماني ليڊر هو، شهيد بينظير مون کي چيو هو ته قريشي کي ڪجهه سيکاريا، سينيٽ ۾ خطاب دوران اپوزيشن ليڊر چيو ته اسان بليم گيم ۾ پوڻ نٿا چاهيون، بلدياتي ۽ عام چونڊن ۾ سڀني جي ڪارڪردگي ظاهر ٿي ويندي