يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ

0
92
حڪمرانن جو راوي “سڀ سک چين” لکي ٿو!
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

سنڌ ۾ زرعي شعبي جا بحران گهٽ ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃن ۽ حڪومت انهن اهم مسئلن کان لاتعلق بڻيل آهي. هن وقت هڪ طرف سنڌ ۾ فصلن لاءِ پاڻي ڪونهي. پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آبادگار احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف آبپاشي کاتي طرفان پاڻيءَ جي بهتر ريگيوليشن نه ٿيڻ جي ڪري واهن ۾ گهارا پئجي رهيا آهن. مٿان وري ان وقت جڏهن ڪڻڪ جي پوکائي جاري آهي ته يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. ڊيلرن يوريا ڀاڻ لڪائي ڇڏيو آهي ۽ وڏي اگهه تي بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن. ساڳئي وقت سارين کي پڻ جڏهن ڀاڻ جي ضرورت آهي ته ان وقت يوريا ڀاڻ نه پيو ملي. هونئن ته هي زرعي ملڪ آهي پر کاڌ خوراڪ جي شين جي لاءِ ٻين ملڪن جو محتاج آهي. غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هن زرعي ملڪ کي صنعتي ملڪ روس کان ڪڻڪ خريد ڪرڻي پئي پوي. ڪڻڪ جي پوکائي وقت ڀاڻ جي کوٽ سان ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ لهڻ جا واضح امڪان آهن. توڙي جو سڄي سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ، ذخيرا اندوزي ۽ بليڪ تي وڪري جي خلاف آبادگارن جا احتجاج جاري آهن پر احتجاج پروف انتظاميا تي انهن جو ڪوبه اثر پوندي نظر نٿو اچي.

ملڪ جي لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي پر ان جي باوجود اسان کي کاڌ خوراڪ جون شيون، خاص طور تي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي پوي ٿي. جنهنڪري ان تي هڪ ته مٽاسٽا جو ناڻو خرچ ٿئي ٿو ۽ ملڪ جو امپورٽ بل وڌي ٿو. يوريا ڀاڻ جي کوٽ صرف هن سال جو ئي مسئلو نه آهي، تقريبن هر سال اهو مسئلو ڪر کڻي سامهون ايندو آهي پر ان جي باوجود حڪمران ان اهم مسئلي جي حل لاءِ ڪو تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار نه آهن. جيئن ته اڳ ۾ ڀاڻ جي کوٽ جو سبب افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدو ٻڌايو ويندو هو، جنهنڪري ڪڻڪ جي افغانستان ڏانهن وڏي پئماني تي اسمگلنگ ٿيندي هئي. افغانستان جي زرعي ايراضي ايتري ڪانه هئي، جيترو ڀاڻ هتان ويندو هو. جنهن جو سبب اهو هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ يوريا جي قيمت 80 سيڪڙي کان 100 سيڪڙي تائين وڌيڪ هئي ۽ اهو ڀاڻ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تحت هتان کان افغانستان ويندو هو ۽ پوءِ اتان ٻين ملڪن سان وڪرو ڪيو ويندو هو. هاڻي جڏهن پاڪ افغان بارڊر تي سختي آهي ته پوءِ ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي ايتري کوٽ نه هجڻ گهرجي پر اصل سبب ذخيرا اندوزي آهي. هڪ ته نقلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن سبب پيداوار به متاثر ٿئي ٿي ۽ ٻيو هائبرڊ ٻج مهانگا هجڻ ۽ پاڻي کوٽ سبب ٽيوب ويلن تي ڀاڙڻ جي ڪري فصلن جي پيداواري لاڳت وڌيڪ اچي ٿي. مٿان وري پوکائي وقت جڏهن فصلن کي ڀاڻ به نه ملي ته ظاهر آهي ته زرعي اپت شديد متاثر ٿيندي، فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيندو. يوريا ڀاڻ هن ئي ملڪ ۾ ٺهي ٿو پر ان جي بهتر مئنيجمينٽ نه هجڻ ڪري کوٽ پيدا ٿئي ٿي. ٻيو ته گئس جي کوٽ سبب پڻ ڀاڻ انڊسٽري جي پيداوار تي اثر پيو آهي. هڪ طرف حڪومت بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ذخيرا اندوزي ڪندڙن خلاف قدم نه پئي کڻي، جنهنڪري ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن رڳو ذخيرا اندوزي ڪندڙن خلاف اثرائتو ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ته ڀاڻ جي کوٽ ختم ٿي سگهي ٿي. اهو ڪو معمولي مسئلو نه آهي، حڪومت جي لاپرواهي سبب ئي هن زرعي ملڪ کي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي پئي پوي.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن رڳو هن ملڪ جي گورننس بهتر ٿئي ته اڌ مسئلا پاڻ مرادو حل ٿي وڃن، ڇو ته ڪوبه بحران پنهنجي نوعيت ۾ انتظامي بحران ئي هوندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري زراعت کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. ذخيرا اندوزي ڪري يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن ۽ بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف سخت قدم کنيا وڃن ۽ حڪومت جي ٿورڙي سستي ۽ لاتعلقي سبب جيڪڏهن هن پوکائي جي سيزن ۾ فصلن کي ڀاڻ نه مليو ته ڪڻڪ جي پيداوار شديد متاثر ٿيندي.