يورو ڪپ ۾ اپ سيٽ: سوئٽزر لينڊ، فرانس کي شڪست ڏئي ڇڏي

0
420

پيرس(اسپورٽس نيوز)يورو ڪپ ۾ سوئٽزر لينڊ وڏو اپ سيٽ ڪندي عالمي چيمپئن فرانس کي ايونٽ مان آئوٽ ڪري ڇڏيو. سوئٽزر لينڊ فرانس کي 4 جي مقابلي ۾ 5 گول تان شڪست ڏئي عالمي چيمپئن کي يورو ڪپ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. سوئٽزر لينڊر ۽ فرانس وچ ۾ ميچ جو فيصلو پينالٽي ڪڪس تي ٿيو. ٻئي پاسي اسپين ڪروشيا کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.