وڳوڙن ۽ جي ايچ ڪيو گيٽ ٽوڙڻ جي جي آءِ ٽي قائم، جناح هائوس ساڙيندڙن جي نشاندهي تي انعام مقرر

0
108
وڳوڙن ۽ جي ايڇ ڪيو

راولپنڊي/ لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت وڳوڙن دوران سول ۽ عسڪري ٺڪاڻن تي حملن جي جاچ لاءِ جَي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو، نگران وڏي وزير محسن نقوي پاران وڳوڙين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪارروائيون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙڻ جو فيصلو نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان بابت ٿيل اجلاس دوران ڪيو ويو، جَي آءِ ٽي واقعن جي جاچ ڪرائي پنهنجي جامع رپورٽ حڪومت کي پيش ڪندي،  ڀڃ ڊاهه وارن سمورن واقعن جي جيو فينسنگ ڪرائي ويندي، شرپسندن خلاف سمورا ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ هلايا ويندا

محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جناح هائوس سميت سول، عسڪري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙ عبرتناڪ سزا کان نه بچي سگهندا، پاڪ فوج خلاف بيان ڏيندڙ رياست جو دشمن آهي. هوڏانهن پوليس جي ايڇ ڪيو جو گيٽ ٽوڙڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي جاچ لاءِ خاص انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي

پوليس ذريعن موجب انويسٽيگيشن سپورٽ يونٽ جي سربراهي ايس ايس پي انويسٽيگيشن زنيرا اظفر ڪندي، يونٽ ۾ ايس ڊي پي او ڪينٽ، ايس ڊي پي او سٽي ۽ ٽي ايس ايڇ اوز شامل آهن

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته انويسٽيگيشن ٽيم ان حوالي سان داخل ڪيسن جي روشني ۾ جاچ اڳتي وڌائيندي. جي ايڇ ڪيو تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس آر اي بازار ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت سميت 15 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي

  ٻئي پاسي پنجاب جي گهرو کاتي جناح هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ماڻهن جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون. پنجاب جي گهرو کاتي جناح هائوس کي باهه ڏيڻ جي واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ڪندڙن لاءِ ٻه لک رپيا انعام جو اعلان به ڪيو آهي

اخبارن ۾ جاري اشتهار ۾ شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته جناح هائوس کي باهه ڏيڻ ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪيو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ڪيو، سڃاڻپ ڪرائيندڙ جو نالو راز ۾ رکيو ويندو. واضح رهي ته 9 مئي تي شرپسندن جناح هائوس لاهور (ڪور ڪمانڊر لاهور جي رهائشگاهه) تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه کانپوءِ باهه ڏئي ڇڏي هئي

هي به پڙهندا

حڪومت ۽ ان جا سرپرست مون کان ڊنل آهن، هنن کي اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست جو خوف آهي: عمران خان