لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر ذوالقرنين حيدر جو علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ڪرڪيٽر ذولقرنين حيدر عمان ۾ ليگ دوران معدي جي خطرناڪ بيماري جو شڪار ٿيو، جنهن بعد ڪرڪيٽر تُرت ڏيهه واپس پهتو ۽ مالي پريشانين سبب پي سي بي جي امداد جي اوسئيڙي ۾ هو. وڪيٽ ڪيپر بابت خبر وائرل ٿيڻ تي پي سي بي سندس علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن بعد ڊائريڪٽر اين ايچ پي سي نديم خان ۽ جي ايم ڊوميسٽڪ جنيد ضياءَ ڪرڪيٽر ذوالقرنين حيدر جي تيمارداري ڪئي ۽ کيس پي سي بي طرفان شروعاتي چيڪ ڏنو. ملاقات دوران ذولقرنين حيدر ميڊيڪل خرچ کڻڻ تي پي سي بي جو شڪريو ادا ڪيو.