مقصودورند (رپورٽ بهادر رند) مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي نگراني ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 2022 جي ڇهين پري ڪوارٽر مئچ ۾ ملا حرمت اليون جي ٽيم ڪامياب ٿي وئي. مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي نگراني ۾ جاري جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ڇهين پري ڪوارٽر فائنل مقابلي ۾ ڌڱاڻو رند اليون جي ٽيم ملان حرمت اليون جي ٽيم خلاف ٽاس کٽي پهرين بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي ملا حرمت اليون عديل ڪيريو جي 54 رنسن جي مدد سان مقرر 15 اوورن ۾ 169رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ ڌڱاڻو رند اليون جي ٽيم  15 اوورن ۾ 123 رنسون ٺاهي سگهي نادر علي 28 رنسن سان 123 رنسون ٺاهيون مئچ ۾ بهترين  بيٽنگ ۽ بالنگ ڪرڻ تي عاشق ڪيريو کي مين آف دي مئچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.