اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ ٻن ججن جي مقرري واري مامري تي بلوچستان جي هاءِ ڪورٽ جي جج جمال مندوخيل کي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج محمد علي مظهر جو نالو غور ڪرڻ کان پوءِ واپس وٺي ڇڏيو، جڏهن ته اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٻن ايڊهاڪ ججن جي مقرري وارو مامرو موخر ڪري ڇڏيو، اعتبار جوڳن ذريعن مطابق ڪالهه جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ڪميشن جي ميمبرن سميت قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ اٽارني جنرل خالد جاويد خان شرڪت ڪئي، ذريعن مطابق جوڊيشل ڪميشن پاران ٻن ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو جن ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس جمال مندوخيل ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان جسٽس محمد علي مظهر شامل آهن، ذريعن مطابق اجلاس ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سان تعلق رکندڙ جج جسٽس محمد علي مظهر جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو، جنهن سبب ان جي نالي تي غور ملتوي ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس محمد علي مظهر جو نالو سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلن پاران ڏيکاريل رد عمل کي سامهون رکي واپس ورتو ويو، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ 2 ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ واري مامري تي غور ڪرڻ کان پوءِ ان کي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو.
ڪراچي (نمائندن وٽان) سپريم ڪورٽ ۾ سينيئر ججن بجاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جونيئر جج جي مقرري واري سلسلي ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي اعلان تي وڪيلن جي هڙتال، عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ سميت ڪراچي ۾ قائم ٿيل ٻين عدالتن ۾ وڪيل پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ڪراچي بار جي جنرل سيڪريٽري ٻڌايو ته عدالتي ڪارروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ ڪو به وڪيل عدالتن ۾ پيش ناهي ٿيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججن بجاءِ پنجين نمبر واري جج کي ترقي ڏني وئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس محمد علي مظهر هڪ بهترين جج آهي پر ان کان سينيئر جج موجود هئا انهن کي نظر انداز ڪيو ويو جنهن سبب باقي چار سينيئر ججن ۾ مايوسي پيدا ٿيندي. جڏهن ته اسلام آباد، مٽياري سوڌو ٻين شهرن ۾ پڻ وڪيلن هڙتال ڪئي.