وينس جي ويسلس ۾ يادون قيد … سئم سنڌي

0
175
وينس جي ويسلس ۾ يادون قيد ... سئم سنڌي

 وينس ميڊيٽيرينن سمنڊ جي ٻانھن اڊرياٽڪ ۾ قيد آھي ۽ وري وينس جي ويسلس (Vessels) ۾ منھنجون کوڙ ساريون يادون قيد آھن ان ڪري وينس گھٽ ويندو آھيان ڇو جو يادون دفن ناھن ٿينديون نه ئي ان تي قل پڙھيا ويندا آھن. مُردن کي ته دفن ڪبو آھي ڪجھه وقت کان پوءِ شايد اھو مردو جيڪو زندگي جو حصو ھوندو آ اھو وسري به وڃي ٿو، پر وقت پل جڳھيون ڳالھيون ناھن وسرنديون. وسرنديون به ھجن مون ڪڏھن ڪوشش به ناھي ڪئي. پر ڀلا ڪڏھن ڪنھن کي وسارڻ جي ڪوشش به ڪبي آ ڇا؟

                         وينس بنا شڪ شاندار شھر آھي وينس ۾ ڪا جادوگري آ جڏھن به پنڪ پينٿر يا آگي ائنڊ ڪارڪوچس ڪارٽون جي قسطن جنھن ۾ وينس کي فلمايو ويندو ھو ته ڏسندو ھئس ته آئون ھن شھر طرف ڇڪبو ھئس رنگيلون عمارتون، سينٽ مارڪس اسڪوائر ۽ ڊوجيس پيلس، اوگي جو وينس جي ٻيڙن ۽ گنڊولا ۾ اوليويا کي منڊي پارائڻ جا جتن، صدين کان ٿيندڙ آرٽ، وينس ڪمال آ عجوبو آ.

                         ڪجھه سال پھريان دوستن جي زور ڀرڻ جي ڪري نئين سال جي سليبريشن وينس ۾ ڏسڻ ويو ھئس. الائي ڇو مون کي سيليبريشنس ۽ پارٽين سان ھاڻ نفرت ٿي پئي آھي گھڻا ماڻھو ڏسي ھيسجي ٿو وڃان، دل جسم ڏڪڻ شروع ٿو ڪري، انتظار ۽ بي چيني وڌي ٿي وڃي. وينس جي ريلوي اسٽيشن تي لھڻ سان ئي منھنجي انتظار ۾ اميد جاڳي پيئي ھئي ھيڏي وڏي ھجوم ۾ ائين لڳي رھيو ھئم ته ھوءَ مون کان لڪي رھي آھي ۽ مونکي اچانڪ سان اچي ڀاڪر پائيندي. منھنجون اکيون به صرف ھڪڙو ئي چھرو ڳولھي رھيون ھيون. مون کي اھي سڀ عورتون متوجهه ڪري رھيون ھيون جن کي آفينا جي ڪپڙن جھڙا ڪپڙا پاتل ھئا. وينس ۾ ھن جا نشان اڃان به آھن، جنھن اپارٽمينٽ ۾ ھن سان گڏ رھيو ھئس ان گھٽي ۾ گذرندي اکيون آليون ٿي ويون ھيون ۽ ھينئر لکندي به پنن جا اکر ڌنڌلا ٿي ويا آھن.

منھنجي شينگن (Schengen) ويزا جيئن ئي آئي، آفينا ۽ آئون يورپ ياترا جو منصوبو تيار ڪرڻ ۾ لڳي وياسين ھوءَ تمام گھڻي اتاولي ھئي ھن جو اکيون چمڪي پيون ھيون.

آفينا سندس ڪتاب ۾ پيل يورپ جو نقشو کڻي آئي ۽ چوڻ لڳي ”سانول سانول پھريان وينس ھلنداسين“

”آئون ھِن وقت سندس جون اکيون پنن تي پسي رھيو آھيان “.

نقشي تي منصوبي تحت منزلون طئي ڪيوسين جھاز جي ٽڪيٽن سميت بسن ۽ ھوٽلن اپارٽيمينٽس جي بڪنگ به ڪئيسين. اسان کي ھفتو لڳي ويو ھو سستو پرفڪيٽ منصوبو ٺاھڻ ۾. لنڊن کان وينس مارڪو پولو ايئرپورٽ تي پھتاسين.

پھچڻ ساڻ ئي الڳ ئي انرجي اچي وئي ھئي، جولاءِ جو مھينو ھو گرمي پد لڳ ڀڳ 30 سينٽيگريڊ ھو سج جي تپش ائين ۽ اھڙي جيڪا پنھنجي ڳوٺ ۾ محسوس ڪندو ھئس ڇو جو لنڊن ۾ ايتري گرمي ناھي ٿيندي. اپارٽيمينٽ پھچي اسان ٻنھي شارٽس پاتا. وينس جي وائبس ۾ غائب ٿي وياسين ھئاسين. سمنڊ جي لھرن جو آواز ۽ مٿان آفينا جا ٽھڪ ۽ سڏ سانوڻ سانوڻ گنڊولا جي رائيڊ وٺون، مرانو برانو ھلون…

ريالتو برج جون چميون، گنڊولا جا ڀاڪر، سنھڙين گھٽي ۾ ھن جا گھاٽا وار، وينس جي ويران راتين ۾ اسان جي پيار جي اڏام آسمان تائين ھئي. وينس جي ڪا گھٽي نه ھوندي جتي اسان جا چپ پاڻ ۾ٽڪرايا نه ھجن. برانو جا رنگ به رنگين گھر ۽ رستن ساڻ سمنڊ جون شاخون صرف اسان کي ئي ڏسي رھيون ھيون، مرانو جا شيشا ۽ شيشن ۾ ھن جا چھرا مرانو جي ڪاريگيري ۽ اھميت کي وڌائي رھيا ھئا. جڏھن ھن ميڊيٽيرينن ۾ پاڻ کي ارپيو ته ميڊيٽيرينن ھن جي جسم جي ھر حصي کي ڇھي مٺاس حاصل ڪري پنھنجي لوڻياٺ وڃائي رھيو ھو. آفينا جا ڪپڙا به مرانو جي شفاف شيشن جيان ٿي ويا ھئا انھن مان مکڙيون نظر اچي رھيون ھيون. فرانچسڪو ھايز جھڙو مصور جي ان منظر کي پيش ڪري ھا ته اھو ان جي شاھڪارن ۾ شمار ٿئي ھا. فرانچسڪو پنھنجي رومانيت جي فن جي ڪري مشھور آھي. ان جي آرٽ ۾ رومانيت ھجي به ڇو نه، ھن جو جنم ئي وينس ۾ آھي. (فيس بوڪ تان ورتل)