ويلڊن پاڪستان

0
204
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

آرٽ، رانديون، فن، ادب اهڙيون شيون آهن جيڪي ماڻهن کي ڳنڍڻ جو ذريعو آهن،جيڪڏهن راندين ۾ وري ڪرڪيٽ کي ڏسجي ته اها انهي اصطلاح يا چوڻي تي سئو سيڪڙو پورو ٿي لهي. پاڪستان جا سياسي سماجي مسئلا هڪ پاسي جڏهن به ڪرڪيٽ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته پوري ملڪ جي عوام جا جذبا ساڳيا هوندا آهن، بدقسمتي سان هونئن ملڪ ۾ خوشي واريون خبرون ٻڌندي عوام کي ڪي ورهيه ٿي ويا.

مهانگائي ،سياسي سماجي مسئلن ۽ ٻين پريشانين ۾ ورتل عوام ڪنهن اهڙي خوشي جي ڳولا ۾ هو جنهن ۾ کن پل ئي سهي اهي پنهنجون پريشانيون هڪ پاسي رکي گڏيل طور نچن ،ڪڏن ۽ خوشي ملهائين.ڪرڪيٽ ۾ جڏهن به پاڪستاني ٽيم جي فتح ٿيندي آهي ته عوام خوشي ۾ ناهي ماپندو پر جڏهن اها فتح روايتي حريف ڀارت خلاف هجي ته ان جو مزو ٻيڻو ٿي ويندو آهي ۽ وري جڏهن اها خوشي ڪنهن عالمي ڪپ جي مئچ ۾ ملي ته اها تصور کان مٿي واري خوشي جو سبب بڻجي ويندي آهي.

 ڇاڪاڻ ته ٻه ڏينهن اڳ تائين اها تاريخ رهي آهي ته پاڪستان عالمي ڪپ دوران ڪڏهن به ڀارت کان ڪا مئچ کٽي نه سگهيو هو اهو رڪارڊ رهيو آهي پر جيئن چوندا آهن ته رڪارڊ ٽٽڻ لاءِ ٺهندا آهن ايئن ئي اهو رڪارڊ ٽٽي ويو ۽ تاريخ به بدلجي وئي.پاڪستان ڀارت کي عالمي ڪپ جي مئچ ۾ شڪست ڏئي عوام جي خوشين کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏيو.

ورهين کان روايتي حريف کي عالمي ڪپ جي ڪنهن مئچ ۾ هارائڻ نه رڳو پاڪستاني عوام جو خواب هو پر انهي ٽيم جو به مقصد هو جيڪا هونئن ته روايتي حريف ٽيم تي حاوي رهندي آهي پر عالمي ڪپ جي مئچن ۾ ان جي ڪارڪردگي خراب ٿي ويندي آهي.ان جو سبب شايد عوام جي  اميدن جو اهو دٻاءَ هوندو آهي جيڪو روايتي حريف خلاف کيڏندي ٽيم تي حاوي ٿي ويندو آهي.عوام جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آهي پاڪستاني ٽيم انهي ڪاميابي تي مبارڪن جي مستحق آهي پر اهي مبارڪون رڳو انهي مئچ تائين محدود نه هئڻ گهرجن .

عوام چاهي ٿو ته انهي مئچ کانپوءِ به پاڪستاني ٽيم پنهنجي  اهڙي  شاندار ڪارڪردگي کي برقرار رکي باقي مئچن ۾ به ٽيم کي سوڀارو ڪري ۽ ٽي ٽوئنٽي جو عالمي ڪپ جو دفاع ڪري پنهنجي ٽي ٽوئنٽي جي ورلد چيمپئن واري حيثيت برقرار رکي.انهي لاءِ سڄي ملڪ جي عوام جون نيڪ تمنائون پنهنجي ٽيم سان گڏ آهن .ڇاڪاڻ ته ٻين معاملن ۾ ڇڙوڇڙ رهندڙ عوام انهي ڪرڪيٽ جي معاملي ۾ ايئن هڪ آهي جو انهي ۾ ڪابه وڇوٽي نه هوندي آهي.

اهي پنهنجا ڏک سور اختلاف وساري انهي فتح کي گڏجي ملهائيندا آهن.انهي راند ۾ ڪجهه عقل کان عاري ماڻهو وري جنگ جو ميدان سمجهي ردعمل ڏيندا آهن پر ٻه ڏينهن اڳ انهي مقابلي کان پوءِ ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن جنهن شاندار اسپورٽس مين اسپرٽ جو مظاهرو ڪيو آهي اهو تعريف ڪرڻ لائق آهي. ڇاڪاڻ ته مئچ جي ميدان ۾ هڪٻئي جا سخت مخالف مئچ ختم ٿيڻ کانپُوءِ هڪٻئي سان مرڪون  ونڊي ڀاڪر پائي دنيا کي اهو پيغام ڏئي رهيا هئا ته مقابلو صرف ميدان ۾ آهي،

هي ڪا جنگ ناهي،هي راند آهي جيڪا عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ پنهنجي ٽيم جي فتح تي کين خوشي بخشي ٿي جنهن جو اظهار هو نچي ڪڏي ڪن ٿا.ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن جو رويو اهو ئي پيغام ڏئي رهيو هو جيڪو راندين ذريعي عوام تائين منتقل ڪرڻ جي گهرج آهي ۽ رانديگر ئي پنهنجي ملڪ جا سفير هوندا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته جڏهن راند جا ميدان کلندا آهن ته دهشتگردي جون نرسريون بند ٿيڻ لڳنديون آهن. نوجوانن کي انهي راندين ذريعي ئي ناڪاري سرگرمين کان روڪي ۽ پاسو ڪرائي سگهجي ٿو، تنهن ڪري پاڪستان حڪومت ۽  ڪرڪيٽ بورڊ کي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي مقابلا ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن ۽ عالمي دنيا کي به پاڪستان جي انهي ڪوششن جي مثبت موٽ ڏيڻ گهرجي جنهن سان ئي دنيا عالمي امن ڏانهن وڌي سگهي ٿي.