پراويڊنس(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٽين ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش کي 5 وڪيٽن تان هارائي سيريز به کٽي ورتي. مهمان بنگلاديش جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي افيف حسين جي ففٽي ۽ لٽن داس جي 49 رنسن جي مدد سان 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 163 رنسون اسڪور ڪيون. ويسٽ انڊيز جي ڪپتان نڪولس پورن جي 74 ۽ ڪائل ميئرس جي 55 رنسن جي شاندار اننگ سان هدف 10 بال پهرين 5 وڪيٽن تي حاصل ڪري ورتو. پورن کي ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.